Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخِل ٿيڻ جي سَعَادت ملي، اعتڪاف جي نيت ضرور ڪريو، نيت دل جي ارادي کي چئبو آهي، دِل ئي ۾ نيت ڪري وٺو ته مان اعتڪاف ۾ آهيان، اوهان معتڪف ٿي ويؤ، دِل ۾ نيت حاضِر هوندي زبان سان دُهرائڻ به سٺو آهي، چاهي پنهنجي مادري زبان ۾ ئي چئو: مون سُنّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب به ملندو رهندو۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
حُضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ بخشش نشان آهي: الله عَزَّ وَجَلَّ جي خاطر پاڻ ۾ مَحَبَّت رکڻ وارا جڏهن پاڻ ۾ ملن ۽ مُصافحو ڪن ۽ نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُودِ پاڪ موڪلن ته انهن جي جُدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گُناھ بخشيا ويندا آهن۔ (مسند ابي يعلي،۳/۹۵،حديث۲۹۵۱)