Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat
مَدِينَۃُ المُنَوَّرَه ۾ ابراهيم نالي هڪ ديوانو رهندو هو، هميشه حلال روزي ڪمائيندو هو ۽ پنهنجي آمدني جو اڌ حصو جشن ولادت ملهائڻ لاءِ الڳ جمع ڪندو هو، رَبِيعُ الاوّل شريف ايندو هو ته ڌوم ڌام سان پر شريعت جي دائري ۾ رهي جشن ولادت ملهائيندو هو، الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ايصالِ ثواب لاءِ خوب لنگر ڪندو هو ۽ سٺن سٺن ڪمن ۾ پنهنجي رقم خرچ ڪندو هو، سندس گهرواري به نور واري آقا، مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وڏي ديواني هئي ۽ انهن ڪمن ۾ پورو سهڪار ڪندي هئي، گهر واريءَ وفات ڪري وئي پر سندس معمولات ۾ فرق نه آيو، ابراهيم ديواني هڪ ڏينهن پنهنجي نوجوان پٽ کي وصيت ڪئي:پيارا پٽ! اڄ رات منهنجي وفات ٿي ويندي، منهنجي سڄي ملڪيت ۾ پنجاهه (50) دِرهَم ۽ اوڻويهه (19) گز ڪپڙو آهي، ڪپڙو ڪفن دفن تي خرچ ڪجانءِ ۽ رهي رقم ته ان کي به ٿي سگهي ته نيڪ ڪمن ۾ خرچ ڪجانءِ، ان کان پوءِ هن ڪلمو طيب پڙهيو ۽ هن جو انتقال ٿي ويو.
پٽ وصيت مطابق مرحوم والد کي دفن ڪيو، هاڻي پنجاھ درهم نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪرڻ جي معاملي ۾ کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري؟ انهيءَ فڪر ۾ هڪ رات جڏهن ستو ته خواب ۾ ڏٺائين ته قيامت قائم آهي ۽ هر طرف نفسا نفسيءَ جو عالَم آهي، خوشنصيـب ماڻهو جنت ڏانهن وڃي رهيا آهن، جڏهن ته ڏوهارين کي گِهلي گِهلي جهنم ڏانهن هڪليو پئي ويو ۽ هي بيٺو ڏڪي رهيو هو ته سندس باري ۾ خبر ناهي ڪهڙو فيصلو ٿئي ٿو، ايتري ۾ غيب مان آواز آيو: هن نوجوان کي جنّت ۾ وڃڻ ڏيو پوءِ هو خوشي خوشي جنت ۾ داخل ٿي ويو ۽ سير ڪرڻ لڳو، ستن ئي جنتن جو سير ڪرڻ کان پوءِ جڏهن اٺين جنت ڏانهن وڌيو ته جنّت جي داروغي (يعني جنَّت جي نگران) حضرت رضوان فرمايو: هن جنت ۾ فقط اهو ئي داخل ٿي سگهي ٿو جنهن