Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat
نور جا پيڪر، سڀني نبين جا سروَر، سلطان بحر وبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي جھان جي لاءِ هادي ۽ رهبر بڻجي، اصحاب فيل واري واقعي جي 55 ڏينهن کان پوءِ 12 ربيع النّور بمطابق 20 اپريل 571ع سومر جي ڏينهن صبح صادق جي وقت اڃا تارا آسمان تي چمڪي رهيا هئا، چنڊ جھڙو چهرو چمڪائيندي، کٿوري جي خوشبو مهڪائيندي، ختنه شده (طُهر مبارڪ ٿيل)، ناف بريده (ناڙو مُبارڪ وڍيل)، ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ مهر نبوّت روشن، سُرمگين اکيون، پاڪيزه بدن ٻئي هٿ زمين تي رکندي، سر مبارڪ آسمان ڏانهن کڻي دنيا ۾ تشريف کڻي آيا۔ (اَلْمَوَاهبُ اللَّدُنِّيۃ لِلْقَسْطَلَّانِي ج۱ ص۶۶۔۷۵ وغيره)(بڈھا پجاري،ص)
چاند سا چمکاتے چہرہ نور برساتے ہوئے
آ گئے بدرالدجیٰ اَھْلاً وَّ سَھْلًا مرحبا
آمِنہ کے گھر میں آقا کی وِلادت ہو گئی
مرحبا صَلِّ عَلٰی اَھْلاً وَّ سَھْلًا مرحبا
سوئی قِسمت جاگ اُٹھی اور سب کی بگڑی بن گئی
بابِ رحمت وا ہوا اَھْلاً وَّ سَھْلًا مرحبا
(وسائلِ بخشش،مُرمّم،ص146،147)
حضرت شيخ عبدالحق محدّثِ دهلوي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا ته مڪي وارن جو به انهيءَ تي عَمَلدَر آمد آهي ته اهي 12رَبيعُ الاَوَّل جي ڏينهن ئي ڪاشانَهء نُبُوت جي زِيارت جي لاءِ ويندا آهن، اتي ميلاد شريف جون محفلون مُنعقد ڪندا آهن۔ (مدارج النبوۃ، ۲ /۱۴)
سَحابِ رحمتِ باری ہے بارہویں تاریخ کرم کا چشمۂ جاری ہےبارہویں تاریخ