Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai
جي وس جي ڳالهه ناهي ته الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعريف جو حق ادا ڪري سگهي. اعلٰي حضرت ڪيڏو نه خوب فرمايو آهي:
اے رضاؔ خود صاحبِ قرآں ہے مدّاحِ حضور تجھ سے کب ممکن ہے پھر مدحت رسول اللہ کی
مختصر وضاحت: هن شعر ۾ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ کي مخاطب ٿيندي فرمائن ٿا ته اي احمد رضا! تُون جيتري به پنهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعريف ڪرين، پر توکان ان جو حق ادا نه ٿئي سگهندو. ڇوته ان جو رب ئي ان جي تعريف فرمائي ٿو ته ٻيو ڪير ڪيئن ٿو ان جي ثناخواني جو حق ادا ڪري سگهي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پياري آقا، مڪي مدني مُصطفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ شان، فضيلتون ۽ خصوصيتون بزبانِ قرآن ٻڌي رهيا آهيون، يقيناً اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ته بي مثال آهي، يقيناً جنهن ذاتِ بابرڪات تي الله پاڪ جو فضلِ عظيم هجي ان جي فضيلت ڪير شمار ڪري سگھي ٿو؟ حضرت امام قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ”شفاء شريف“ ۾ ارشاد فرمائن ٿا: حَارَتِ الْعُقُولُ فِي تَقْدِيرِ فَضْلِهٖ عَلَيْهِ وَخَرِسَتِ الْأَلْسُنُ، يعني الله ڪريم جو جيڪو فضل حضور عَلَيۡهِ السَّلَام تي آهي، ان جو اندازو لڳائڻ کان عقل حيران آهن ۽ زبانون عاجز آهن۔ (الشفاء بتعريف حقوق المصطفيٰ،۱ /۱۰۳)
اعليٰ حضرت امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
سَروَر کہوں کہ مالک و مَولیٰ کہوں تجھے
باغِ خلیل کا گلِ زَیبا کہوں تجھے
تیرے تو وَصْف عیبِ تناہی سے ہیں بَری
حیراں ہوں میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے