Book Name:Sara Quran Huzoor Ki Nemat Hai

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                                       تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللّٰہ                                                تم اپنائے رکّھو سدا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۶۴۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد                    

  اي عاشقانِ ميلاد! دنيا جو دستور آهي ته بادشاھ جڏهن پنهنجي درٻارين مان ڪنهن کي پنهنجي عنايتن سان خاص ڪندا آهن ته ان کي اهڙا خاص انعام عطا ڪندا آهن، جنهن سان ان جي قدر ۽ قيمت هر شخص جي ويجھو وڌي وڃي ۽ هو ٻين کان بلڪل ئي ممتاز ۽ جدا ٿي وڃي ۽ اهي ڪمالات ۽ رتبا جيڪي ڪنهن ٻي کي به مليا هجن ته بادشاھ پنهنجي خاص ۽ چونڊيل درٻارين کي اهو عطا فرمائڻ سان گڏوگڏ ٻين به ڪيئي بهترين رُتبن سان سرفراز فرمائيندو آهي اهڙي طرح پروردگارِ عالم اسان جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام مخلوق کان وڌيڪ انعامات ڏئي پنهنجي خاص مهربانين سان مشرف ڪيو ۽ قرآنِ ڪريم ۾ ربِّ ڪريم مختلف هنڌ تي مختلف لفظن جي ذريعي پنهنجي حبيب حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ساراھ فرمائي آهي، جيئن

      * سوره فتح آيت نمبر 29 ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مُحَمَّدٌ رَّسُول الله فرمايو * ته سورهءِ اٰلِ عمران آيت نمبر 33 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”مصطفيٰ“ قرار ڏنو ويو۔ * سوره اٰلِ عمران آيت نمبر179 ۾ مجتبيٰ“ فرمايو * ته سوره جن آيت نمبر 27 ۾ سندن کي ”مرتضيٰ“ جي لقب سان ياد ڪيو ويو۔ * سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 1 ۾ عبدِ ڪامل * ته سورهءِ مائده آيت نمبر15 ۾ سندن کي”نور“ فرمايو ويو ۔ * سورهءِ نساء آيت نمبر174 ۾ ”بُرهان* ته سورهءِ احزاب آيت نمبر40 ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ”خاتمُ النبيين“ فرمايو ويو۔ * سورهءِ احزاب آيت نمبر45 ۾ ”حاضر و ناظر“،”سراجِ مُنير“ ۽ داعي اِلَي الله (يعني الله پاڪ ڏانهن سڏيندڙ) فرمايو ويو۔ * سورهءِ يٰس آيت نمبر1 ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ”يٰس* ته سورهءِ طه آيت نمبر1 ۾ طٰهٰ فرمايو ويو۔ * سوره بقره آيت