Book Name:Akhlaq-e-Mustafa Ki Jhalkiyan

صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت ۽ ڪردار کي پنهنجي لاءِ عمل جو نمونو بڻايون، پنهنجا اَخلاق سنوارڻ جي ڪوشش جاري رکون، اَخلاق سنوارڻ جي ترغيب ڏياريندي نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمائن ٿا: اَحْسِنْ خُلُقَک يعني پنهنجا اَخلاق سنواريو. ([1]) تنهنڪري اسان کي کپي ته پنهنجي اندر صبر ۽ تَحَمُّل، حِلم ۽ بُردباري، محبت ۽ نرمي، عَفو ۽ دَرگُذر، شرم ۽ حيا، وڏن جو اَدَب ۽ احترام، ننڍن تي شفقت ۽ مهرباني، سڀني مسلمانن جي لاءِ ايثار ۽ همدردي ۽ خيرخواهي جهڙيون عُمده صفتون پيدا ڪيون ۽ پنهنجي سٺي اَخلاق ۽ ورتاءُ جي ذريعي رَفته رَفته مُعاشري جي بد اَمني ۽ بيچيني کي اَمن ۽ اَمان ۽ چين ۽ سُڪون ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکون، اسان جو ڪردار ايتري قدر اعليٰ هئڻ گھرجي جو ماڻهو اسان جو اَخلاق ڏسي دِينِ اسلام جي ويجھو اچن ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ته جڏهن غُلامن جو اَخلاق ايترو پيارو آهي ته پوءِ سندن آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اَخلاق ڪيتري قدر عاليشان هوندو۔

کردو مالا مال آقا دولتِ اَخْلاق سے                                     خُلق کی دولت سے یہ محروم و بدگُفتار ہے

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۴۷۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ پنهنجي ٻانهن جي هدايت جي لاءِ پنهنجن نبين ۽ رسولن کي انتهائي اعليٰ صفتن سان مُزَين ڪري مبعوث فرمايو ۽ سڀ کان آخر ۾ اسان جي آقا ۽ موليٰ، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام نبين جي صفتن جو جامِع بڻائي ۽ پاڻ سڳورن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مٿي تي


 

 



[1] شعب الایمان،باب فی حسن الخلق،۶/۲۴۶،حدیث:۸۰۲۹