Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq (Qist 1)

آهن، سڄي مخلوق جا استاد آهن، هن آيتِ ڪريمه ۾ پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو هڪ حق بيان ڪيو ويو آهي ته اي ايمان وارؤ...!! محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  توهان کي جڏهن به سڏين، سڀ ڪم ڇڏي فوراً خِدمتِ اَقدس ۾ حاضر ٿي وڃو...!! ڇو ته پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ قرآن ڪريم سيکاري، عِلمِ دين پڙهائي توهان جي رُوح کي زندگي بخشڻ وارا آهن.[1]

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: عِلم سکو ۽ عِلم جي لاءِ ادب ۽ احترام سکو، جنهن توهان کي عِلم سيکاريو، ان جي سامهون عاجزي اختيار ڪريو.[2]

استاد جا 3 حق

 پيارا اسلامي ڀائرو! چوندا آهن: استاد بادشاھ ناهي هوندو، پر بادشاھ بڻائي ڇڏيندو آهي۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته استاد جا شاگرد تي بيشمار احسان هوندا آهن۔ ان ڪري استاد جا حق به تمام گهڻا آهن۔ اڄ اسان استاد جا 3 حق سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔

پهريون حق: فرمانبرداري ڪرڻ

وضاحت: عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: دِيني استاد، نائبِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ آهي.[3] تنهنڪري شريعت جي دائري ۾ رهندي ان جي هر جائز ڳالھ مڃڻ


 

 



[1]...تفسیر نعیمی ،پارہ:9،سورۂ انفال ،زیر ِآیت :24،جلد:9،صفحہ:257/258 ،ملتقطًا۔

[2]...معجم اوسط،جلد:4،صفحہ:342۔حدیث:6184۔

[3]...فتاوی رضویہ ،جلد:24،صفحہ:413،بتغیر قلیل۔