Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq (Qist 1)
ٽيون حق: استاد صاحب ڏانهن توجهه رکڻ
وضاحت: استاد صاحب پڙهائي رهيو هجي ته سندن ٭هر ڳالھ کي ڌيان سان ٻڌي ٭سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٭ٿي سگهي ته لکي وٺي ٭جيڪڏهن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي رهي هجي ته ادب جو لحاظ رکندي استاد صاحب کي عرض ڪري، سبق دوران بي توجهي اختيار نه ڪري مثال طور؛ ٭گفتگو ڪرڻ ٭اشارا ڪرڻ ٭موبائل ۾ لڳل رهڻ ٭کائيندي، پيئندي رهڻ ٭آڱرين سان کيڏندي رهڻ وغيره عِلم جي برڪتن کان محروم ڪري سگهي ٿو۔
استاد جا هي ٽي حق آهن، ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! (1): فرمانبرداري ڪرڻ (2): ادب ۽ احترام ڪرڻ (3): استاد صاحب ڏانهن توجهه رکڻ۔
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
اَللّٰھُمَّ اَسْأَ لُکَ عِلْمًا نَّافِعًا وَّرِزْقًا وَّاسِعًاوَّ شِفَآءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ
ترجمو: اي الله! مان توکان نفعي واري علم جو، رزق جي ڪشادگي جو ۽ هر بيماري کان شفا جو سوال ڪريان ٿو.[1]
[1]...مستدرک ،کتاب المناسک ،باب ماء زم زم لما شرب لہ ،جلد:2،صفحہ:132،حدیث:1782،مدنی پنج سورۂ،صفحہ:214۔