Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq (Qist 1)
سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: آبِ زم زم جنهن ڪم جي لاءِ پيتو وڃي (ڪارآمد آهي) ٭جيڪڏهن تون ان کي پيئڻ وقت شفا طلب ڪندين ته الله پاڪ شفا عطا فرمائيندو ٭جيڪڏهن پناھ گهرندين ته الله پاڪ پناھ عطا فرمائيندو ٭۽ جيڪڏهن تون ان کي (فقط) سيراب ٿيڻ (اڃَ لاهڻ) جي غرض سان پيئندين ته الله پاڪ تنهنجي اڃَ لاهي ڇڏيندو.[1]
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيئون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيئون؟ (3): هر نماز کان اڳ نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سورة المُلڪ پڙهي يا ٻڌي ڇڏي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه، سورة الاخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صراط الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهي يا ٻڌي ڇڏيا؟ (7): شجري جا ورد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا درود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪنن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظر کان بچندي نظرون هيٺ رکيون؟ (12): 12 منٽ مڪتبة المدينه جو اصلاحي ڪتاب پڙهيو؟ (13): اذان ۽ اقامت جو جواب ڏنو؟ (14): غصي جو علاج ڪيو؟ (15): پنهنجو جائزو ورتو؟ (16): پنهنجي نگران جي اطاعت ڪئي؟ (17): ”اوهان“ ۽ ”جي“ چئي ڳالھ ڪئي؟ (18): مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهيو يا پڙهايو؟ (19): عشاء جي جماعت کان ٻن ڪلاڪن ۾ گهر پهچي وياسين؟ (20): 2 ڪلاڪ ديني ڪمن تي خرچ ڪيا؟ (21): فجر جي لاءِ جاڳايو؟
[1]... مستدرک ،کتاب المناسک ،باب ماء زم زم لما شرب لہ ،جلد:2،صفحہ:132،حدیث:1782،مدنی پنج سورۂ،صفحہ:214۔