Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول

(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ    (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ والدين جا 3 حق (پهريون حصو) سيکاريا ويندا ۽ ڪُفر ۽ مُفلسي کان پناھ جي دعا ياد ڪرائي ويندي. ۽ آخر ۾ نيڪ اعمالن جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: ”مون تي دُرُود شريف پڙهو، الله پاڪ توهان تي رحمت نازل فرمائيندو.“ ([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!            صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

والدين جا 3 حق (قسط پهرين)

آيت مبارڪه

وَ بِالْوَالِدَیْنِ اِحْسَانًا    (پارہ: 1، البقرة: 83)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”والدين جي نافرماني کان بچو! بيشڪ جنت جي خوشبو هڪ هزار سال جي فاصلي تان سُونگهي سگهجي ٿي. خدا جو قسم...! والدين جو نافرمان ان جي خوشبو به نه ماڻي سگهندو.“ ([2])


 

 



[1]... جامع صغیر ، صفحہ: 310،حدیث:5032۔

[2]... معجم اوسط ،جلد:4،صفحہ:187،حدیث:5664۔