Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

اهي انهن خدمتن جا وڌيڪ محتاج هوندا آهن. مسلم شريف ۾ آهي: پياري آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڀيرا فرمايو: ”اُهو ذليل ۽ خوار آهي، اُهو ذليل ۽ خوار آهي، اُهو ذليل ۽ خوار آهي.“ عرض ڪيو ويو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪير ذليل ۽ خوار آهي؟ فرمايائون: ”جيڪو پنهنجي والدين يا انهن مان ڪنهن هڪ کي پيريءَ ۾ لهي ۽ (انهن جي خدمت ڪري) جنت ۾ داخل نه ٿي سگهي.“ ([1])

           دهرائي

اڄ اسان والدين جا هي 3 حق سکيا آهن، ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو: (1): اطاعت ۽ فرمانبرداري (2): والدين کي راضي رکڻ (3): والدين جي خدمت ڪرڻ

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

          ڪُفر ۽ مُفلسي کان پناھ جي دعا

اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَعُوْذُبِکَ مِنَ الْکُفْرِ وَالْفَقْرِ وَعَذَابِ الْقَبْرِ

ترجمو: اي الله! آءٌ ڪُفر، محتاجي ۽ قبر جي عذاب کان تنهنجي پناھ گهران ٿو. ([2])

اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)

روزانو 56 نيڪ اعمال:

(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان اڳ نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟    (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪنن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظر کان بچندي نگاهون هيٺ رکيون؟ (12): 12 منٽ مڪتبة المدينه جو اصلاحي


 

 



[1]... مسلم ،كتاب البر والصلۃ والآداب،باب رغم انف من ادرک ابویہ ...الخ ،صفحہ:991،حدیث:2551۔

[2]... سنن نسائی ،کتاب السھو ،باب التعوذ فی دبر الصلاۃ ،صفحہ:231،حدیث:1344۔