Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

ٻيو حق: والدين کي راضي رکڻ

وضاحت: فتاويٰ رضويه شريف ۾ آهي: ”ماءُ پيءُ کي راضي رکڻ واجب ۽ ناراض ڪرڻ حرام آهي.“ هڪ ٻئي هنڌ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: ”ناراض ۽ راضي ڪرڻ انهن جي واضح حڪم سان خاص ناهي.“ ([1]) (يعني جيڪڏهن والدين حڪم نه به ڏنو هجي، پر معلوم هجي ته فلاڻي ڪم ڪرڻ سان اهي ناراض ٿيندا، تڏهن به ان ڪم کان بچڻ ضروري آهي). هاڻي هر شخص غور ڪري ته اسان جي ڪهڙي ڪم سان ماءُ پيءُ کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ ڪهڙي سان نه، مثال طور: ٭ پُٽ سگريٽ پيئي ٿو، ماءُ پيءُ کي ان مان تڪليف ٿئي ٿي، هاڻي ضروري آهي ته اهو سگريٽ نه پيئي. ٭  پُٽ بُرن دوستن وٽ ويهي ٿو، ماءُ پيءُ کي تڪليف ٿئي ٿي، هاڻي ماءُ پيءُ کي پرچائڻ لاءِ اهڙن دوستن کي ڇڏي ڏيڻ ضروري هوندو. ٭         اهڙيءَ طرح اهي ڪم جيڪي ماءُ پيءُ جي بي عزتي جو سبب بڻجن، مثال طور: پاڙي مان پُٽ جون شڪايتون اچڻ، اهڙن ڪمن کان بچڻ به ضروري آهي. حديث شريف ۾ آهي: ”الله پاڪ جي رضا، والدين جي رضا ۾ آهي ۽ الله پاڪ جي ناراضگي، والدين جي ناراضگي ۾ آهي.“ ([2])

ٽيون حق: والدين جي خدمت ڪرڻ،

وضاحت: خدمت جا مختلف طريقا ٿي سگهن ٿا، مثال طور: ٭   انهن کي سٺا سٺا کاڌا کارائڻ. ٭ سندن هٿ پير دٻائڻ. ٭       مٿي ۾ تيل لڳائڻ، ٭        مالش ڪرڻ ته جيئن انهن کي سڪون ملي. ٭  سندن ضرورتن جو خيال رکڻ. ٭  سندن پسند جون شيون حاضر ڪرڻ. ٭       ڪپڙا، جُتا وغيره شيون خريد ڪري ڏيندي رهڻ. ٭ بيمار ٿي وڃن ته دوا وغيره وٺي ڏيڻ، ٭ سندن صحت لاءِ دُعائون گهرڻ. ٭ سندن ويجهو ويهڻ، ڳالهيون ڪرڻ، انهن کي وقت ڏيڻ. ٭ سندن مالي خدمت ڪرڻ وغيره، هي سڀ خدمت جا ئي طريقا آهن. خاص طور تي جڏهن ماءُ پيءُ پوڙها ٿي وڃن، تڏهن


 

 



[1]... فتاوی رضویہ ،جلد:10،صفحہ:679،ملخصًا۔

[2]... شعب الايمان :باب فی بر الوالدین ،جلد:6،صفحہ:177،حديث :7830۔