Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ والدين جا 3 حق (ٻيون حصو) سيکاريا ويندا ۽ ڪنهن قوم کان خطري جي وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي. ۽ آخر ۾ نيڪ اعمالن جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: ”مون تي دُرُود شريف پڙهو، الله پاڪ توهان تي رحمت نازل فرمائيندو.“ ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
آيت مبارڪه
اَنِ اشْكُرْ لِیْ وَ لِوَالِدَیْكَؕ (پارہ :21،سورۂِ لقمان :14)
ترجمو ڪنزالعرفان: ته منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو شڪريو ادا ڪيو.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”وقت تي نماز پڙهڻ کان پوءِ افضل عمل والدين سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ آهي.“ ([2])