Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

حضرت عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو دوست هو.  ٻنهي جهانن جي تاجدار، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو آهي:  پنهنجي پيءُ جي دوستن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ سڀ کان وڏي نيڪي آهي.[1]

 دهرائي

اڄ اسان والدين جا هي 3 حق سکيا آهن، ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو: (1): والدين جو ادب ۽ احترام  (2): والدين جي لاءِ دُعا ڪرڻ (3): والدين  جي مُعتلقين سان صله رحمي ڪرڻ.

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

          ڪنهن قوم کان خطري جي وقت جي دعا

اَللّٰھُمَّ اِنَّا نَجْعَلُکَ فِیْ نُحُوْرِھِمْ وَ نَعُوْذُبِکَ مِنْ شُرُوْرِھِم

ترجمو: اي الله! اسان توکي ئي پنهنجي دشمنن جي آڏو ڪيون ٿا ۽ سندن شرارتن کان تنهنجي پناهه گهرون ٿا. ([2])

اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)

روزانو 56 نيڪ اعمال:

(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان  پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا دُرُود شريف پڙهيو؟


 

 



[1] مسلم ،كتاب البر والصلۃ والآداب ،باب فضل صلۃ اصدقاء الاب والام ونحوھا،صفحہ:996،حدیث :2552 ۔

[2]... سنن نسائی ،کتاب السھو ،باب التعوذ فی دبر الصلاۃ ،صفحہ:231،حدیث:1344۔