Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

٭ ۽ کين نالو وٺي نه سڏيو.[1]

ٻيو حق :   والدين جي لاءِ دُعا ڪرڻ

وضاحت: جن جا والدين حيات آهن، اهي به سندن لاءِ دعا ڪن ۽ جن جا والدين وفات ڪري چڪا آهن، اهي ته لازمي دعا ڪن، ڇوته هاڻي کين دعا جي ئي وڌيڪ حاجت آهي. نبي ڪريم، رؤوف رحيم فرمايو آهي:  والد جي وفات کان پوءِ سندن لاءِ بخشش جي دعا ڪرڻ، نيڪي آهي.[2] مَنقُول آهي: والدين لاءِ دعا گهرڻ ڇڏي ڏيڻ، رزق ۾ بي برڪتيءَ جو سبب آهي[3].

ٽيون حق:   والدين جي متعلقين سان صله رحمي ڪرڻ

وضاحت: يعني والدين جي مِٽن مائٽن ۽ دوستن وغيره سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ.

رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن جي بارگاهه ۾ هڪ شخص عرض ڪيو: ”يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! ڇا والدين جي وفات کان پوءِ به انهن سان نيڪي ڪرڻ جي ڪا صورت آهي؟

پاڻ فرمايائون:  ها، ٭ سندن نماز جنازه پڙهڻ، ٭ انهن جي لاءِ بخشش جي دعا گهرڻ، ٭ سندن وصيت کي پورو ڪرڻ، ٭ سندن عزيزن سان صِله رحمي ڪرڻ، ٭ ۽ انهن جي دوستن جو احترام ڪرڻ.

حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هڪ ڀيري پنهنجي سواريءَ تي سوار ٿي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، رستي ۾ کين هڪ شخص مليو. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ               ان شخص کي پنهنجي سواريءَ تي چاڙهيو ۽ پنهنجو مبارڪ عمامو (پٽڪو) به کيس عطا فرمايو. صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُمْ عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان جي مغفرت فرمائي، اوهان پنهنجي سواري ۽ عمامو هن شخص کي ڇو عطا فرمايو؟ 

 حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمايو: هن شخص جو پيءُ، منهنجي والد


 

 



[1] الجامع في الحديث لابن  وهب ،صفحہ:212،حدیث:139۔

[2]  معجم الصحابہ لابن قانع،ابو اسید الساعدی،جلد:3،صفحہ:37۔

[3] معجم الصحابہ لابن قانع،ابو اسید الساعدی،جلد:3،صفحہ:37۔