Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

 

وڌيڪ هي ته ان ۾ اهڙي ڪا به پابندي نه آهي ته ڪو هڪ ئي ماڻهو اهو ڪم ڪري، پر توهان کي مڪمل آزادي ڏني وڃي ٿي:

وَ ادْعُوْا شُهَدَآءَكُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ(۲۳) 

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽  الله  کان سواءِ پنهنجا سڀ مددگار سَڏيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.

يعني توهان سڀئي گڏجي وڃو! سمورا شاعر جمع ڪريو! سڀني ڪاهنن ۽ نجومين کي گهرايو! جنهن جنهن کي هن ڪم ۾ پنهنجو مددگار سمجهو ٿا، تنهن تنهن کي وٺي اچو! جيڪڏهن توهان ان جهڙي هڪ سورت به ٺاهي ورتي ته سمجهجو ته توهان سچا آهيو ۽

فَاِنْ لَّمْ تَفْعَلُوْا وَ لَنْ تَفْعَلُوْا فَاتَّقُوا النَّارَ الَّتِیْ وَ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ ۚۖ-اُعِدَّتْ لِلْكٰفِرِیْنَ(۲۴)    

ترجموڪنزالعرفان: پوءِجيڪڏهن توهان اهو نه ڪري سگهو ۽ توهان هرگز نه ڪري سگهند ته ان باهه کان ڊڄو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن. اها ڪافرن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

يعني جيڪڏهن توهان سمورا گڏجي هڪ ننڍڙي کان ننڍڙي سورت جهڙي هڪ سورت به نه ٺاهي سگهو ۽ واقعي توهان ائين نه ڪري سگهند ته پوءِ ڄاڻي وٺو ته توهان ڪُوڙا آهيو، اسان جا محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سچا آهن، تنهنڪري انهن جو ۽ انهن تي نازل ٿيڻ واري هن ڪلامِ مجيد جو مقابلو ڪري پاڻ کي جهنم جو حقدار نه بڻايو! ڊڄو! ان باهه کان جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن ۽ اها ڪافرن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

آيتِ ڪريمه مان سکڻ واريون ڳالهيون

پيارا  پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن مجيد جي انهن ٻنهي آيتن ۾ اسان جي لاءِ ڪيترائي سبق موجود آهن: