Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

ٻيهر آيو، ان وقت هو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي چڪو هو ۽ هن گهڻو ڪجهه علمِ دين به سکي ورتو هو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته تتهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب ڪهڙو بڻيو، ته هن وراڻيو: گذريل سال جڏهن آئون اوهان جي مجلس مان اٿي ويس ته مون مختلف مذهبن جو امتحان وٺڻ جو ارادو ڪيو. جنهن ڪري  مون توريت، انجيل ۽ قرآن ڪريم جا 3، 3 نسخا لکيا، جن ۾ مون پنهنجي طرفان گهٽ وڌائي ڪري ڇڏي، اهي نسخا کڻي مان يهودين ۽ عيسائين وٽ ويس، هنن مون کان اهي نسخا خريد ڪري ورتا، پر جڏهن آئون قرآن ڪريم جا اُهي بدليل نسخا کڻي اسلامي ڪُتب خاني ۾ ويس ته هنن انهن کي غور سان پڙهيو، جڏهن هنن ڏٺو ته انهن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ته هنن اهي نسخا خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان مان مون تي اسلام جي سچائي واضح ٿي وئي ۽ آئون ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويس. ([1])

مُبَدَّل ہوئے انبیا کے صحائف                     مُحَرَّف     نہ     ہو    گا     صحیفہ     تمہارا ([2])

وضاحت: ٻين انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلام تي جيڪي صحيفا ۽ ڪتاب نازل ٿيا، سندن امتن انهن جو قدر نه ڪيو ۽ انهن ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون، پر اي محبوبِ ذيشان  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اهو اوهان جو شان آهي ته  الله  ڪريم توهان تي نازل ٿيل ڪتاب يعني قرآن پاڪ جي حفاظت جو ذِمو پاڻ تي کنيو آهي، تنهنڪري توهان تي نازل ٿيل ڪتاب قرآن ڪريم ۾ ڪڏهن به تبديلي نه ٿِي، ٿِي سگهي.

سُبْحٰنَ اللہ! هي پاڪيزهه ڪلام قرآن ڪريم ...!! الحمد للہ! هي مبارڪ ڪتاب اڄ به صديون گذرڻ باوجود رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي سچي نبي ۽ اسلام جي سچي دين هجڻ جو واضح ثبوت آهي.

تنهنجي اڳيان ائين ئي دَٻيل گهٻرايل

پيارا اسلامي ڀائرو! جنهن دَور ۾ قرآن پاڪ نازل ٿيو، اهو اَهلِ عرب جي فصاحت ۽ بلاغت جي عُروج جو زمانو هو، عرب وارن کي پنهنجي زبان


 

 



[1]... تفسیرِ قرطبی،پارہ:14،الحجر،زیرِ آیت:9،جز:10،جلد:5،صفحہ:5ملتقطًا۔

[2]...قبالۂ بخشش،صفحہ:31۔