Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
سڀ کان پهريان ته ان ڳالهه تي غور ڪريو! ته غير مسلمن کي اعتراض الله پاڪ جي ڪلام تي نه هو، انهن کي اعتراض مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سچائي ۽ صداقت تي هو. اُهي ائين نه چوندا هئا ته الله پاڪ ڪتاب نازل نه ٿو ڪري سگهي، بلڪه اُهي چوندا هئا ته الله پاڪ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪلام نازل نه ڪيو آهي، هنن اهو پاڻ ٺاهيو آهي، اهي (معاذ اللہ!) ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته هي الله پاڪ جو ڪلام آهي.
مطلب ته انهن کي صداقتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي اعتراض هو، الله پاڪ ان جي جواب ۾ به قرآنِ ڪريم متعلق ئي چيلنج ارشاد فرمايو، يعني فرمايو: اي غير مسلمو! جيڪڏهن توهان کي اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صداقت تي اعتراض آهي ته ان جو جواب به اسان جو ڪلامِ مجيد ئي آهي. توهان قرآن پڙهو، ان جهڙو ڪلام ٺاهي ڏيکاريو! جيڪڏهن توهان ٺاهي ڏيکاريو ته توهان سچا، اسان جا محبوب ڪوڙا ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهو ته پوءِ مڃيو ته اسان جو پيارو ڪلام قرآن مجيد ئي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسان جا محبوب، مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سچا آهن. ([1])
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان عاشقانِ رسول جو اهو مڃڻ آهي ته پورو جو پورو قرآن نعتِ مصطفيٰ آهي. ان بابت ٻين ڪيترن ئي دليلن سان گڏ هڪ دليل هي به آهي ته قرآن ڪريم جي هڪ هڪ آيت، هڪ هڪ سورت، ان جو مطلب چاهي ڪجهه به هجي، ان جو مفہوم ڪهڙو به هجي، جيڪڏهن اها قرآن جي سورت آهي ته صداقتِ مصطفيٰ کي به بيان ڪري رهي آهي.
خليفي مامُون الرشيد جي دور جي ڳالهه آهي، هڪ ڀيرو خليفي جي درٻار ۾ هڪ يهودي آيو، هن تمام سٺيون ڳالهيون ڪيون، مامُون الرشيد کيس اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني پر هن انڪار ڪيو. هڪ سال کان پوءِ هو