Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq

سکڻ سيکارڻ جي حلقن جو جدول

(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ۔ ڪُل دورانيو: 15 منٽ اڄ جي سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ استاد جا 3 حق، قسط اول، سيکاريا ويندا ۽ آبِ زم زم پيئڻ وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي۔ ۽ آخر ۾ نيڪ اعمالن جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: فرض حج ڪريو! بيشڪ ان جو اجر 20 غزوَن (جنگين) ۾ شرڪت ڪرڻ کان وڌيڪ آهي ۽ مون تي هڪ ڀيرو درود پاڪ پڙهڻ ان جي برابر آهي.[1]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

استاد جا 3 حق، قسط پهرين

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اسْتَجِیْبُوْا لِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ اِذَا دَعَاكُمْ لِمَا یُحْیِیْكُمْۚ-

 (پارہ:9،الانفال:24)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو، جڏهن اهي اوهان کي ان ڪم لاءِ گهرائين جيڪو اوهان کي زندگي عطا ڪري ٿو.


 

 



[1]... مسند الفردوس ،جلد:2،صفحہ:130،حدیث:2662۔