Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq

ترجمو:  اي الله! مان توکان نفعي واري علم جو، رزق جي ڪشادگي جو ۽ هر بيماري کان شفا جو سوال ڪريان ٿو.[1]

سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: آبِ زم زم جنهن ڪم جي لاءِ پيتو وڃي (ڪارآمد آهي) * جيڪڏهن تون ان کي پيئڻ وقت شفا طلب ڪندين ته الله پاڪ شفا عطا فرمائيندو * جيڪڏهن پناھ گهرندين ته الله پاڪ پناھ عطا فرمائيندو * ۽ جيڪڏهن تون ان کي (فقط) سيراب ٿيڻ (اڃَ لاهڻ) جي غرض سان پيئندين ته الله پاڪ تنهنجي اڃَ لاهي ڇڏيندو.[2]

اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)

روزانه 56 نيڪ اعمال

(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيئون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيئون؟ (3): هر نماز کان اڳ نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سورة المُلڪ پڙهي يا ٻڌي ڇڏي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه، سورة الاخلاص پڙهي؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صراط الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهي يا ٻڌي ڇڏيا؟ (7): شجري جا ورد پڙهيا؟ (8): 313 ڀيرا درود شريف پڙهيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪنن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظر کان بچندي نظرون هيٺ رکيون؟ (12): 12 منٽ مڪتبة المدينه جو اصلاحي


 

 



[1]...مستدرک ،کتاب المناسک ،باب ماء زم زم لما شرب لہ ،جلد:2،صفحہ:132،حدیث:1782،مدنی پنج سورۂ،صفحہ:214۔

[2]... مستدرک ،کتاب المناسک ،باب ماء زم زم لما شرب لہ ،جلد:2،صفحہ:132،حدیث:1782،مدنی پنج سورۂ،صفحہ:214۔