Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq

وضاحت: عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: دِيني استاد، نائبِ مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  آهي.[1] تنهنڪري شريعت جي دائري ۾ رهندي ان جي هر جائز ڳالھ مڃڻ ضروري آهي۔ ان جي برڪت سان * عِلم ۾ ترقي ملندي آهي * عِلم جو نُور دل ۾ لهندو آهي * دُنيا ۽ آخرت ۾ عِلم جون برڪتون نصيب ٿينديون آهن۔ تنهنڪري شاگرد چاهي ڪيترو به وڏو ٿي وڃي، ان تي لازم آهي ته پنهنجي استاد صاحب جو ادب ڪندو رهي، استاد صاحب جڏهن به حڪم ڏئي، فوراً ان جي تعميل ڪري، پنهنجي عقل جا گهوڙا نه ڊوڙائي۔ اڄڪلهه ڪجهه شاگرد استاد سان بدگمان ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن چار اکر پڙهي وٺن ته پاڻ کي وڏو علّامه فَهّامه سمجھڻ لڳندا آهن، خوشفهمي جو شڪار ٿي استاد صاحب جي نافرماني ڪرڻ لڳندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن بُري صحبت بُرو اثر ڪندي آهي ۽ سٺي فرمانبردار شاگرد کي نافرمان بڻائي ڇڏيندي آهي۔ ياد رکو! استاد جي نافرماني نحوست ئي آڻيندي آهي۔ تنهنڪري هر وقت استاد جا فرمانبردار ئي رهو۔ ها! جيڪڏهن خدانخواسته استاد ڪو شريعت جي خلاف حڪم ڏئي ته ادب جي دائري ۾ رهندي معذرت ڪري وٺو!

ٻيو حق: ادب ۽ احترام ڪرڻ

وضاحت: مثال طور * استاد صاحب جي اڳيان نه هلڻ * سندن جاءِ تي نه ويهڻ * سندن سامهون نظرون جهڪائي رکڻ * کانئن پهرين گفتگو شروع نه ڪرڻ * سندن هٿ چمڻ * ساڻن مذاق مسخري نه ڪرڻ * سندن سامهون لهجو نرم ۽ آواز هيٺ رکو * سندن برابر نه ويهڻ   


 

 



[1]...فتاوی رضویہ ،جلد:24،صفحہ:413،بتغیر قلیل۔