Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440
میں نِثار تیرے کلام پر، مِلی یُوں تو کِس کو زَباں نہیں
وہ سُخن ہے جِس میں سُخن نہ ہو، وہ بَیاں ہے جس کا بَياں نہيں
ترے آگے يوں ہيں دَبے لَچے، فُصَحا عَرَب کے بڑے بڑے
کوئی جانے منہ میں زَباں نہیں، نہیں بلکہ جِسم ميں جاں نہیں
(حدائقِ بخشش، ص ۱۰۷-۱۰۸)
مختصر وضاحت: پهرين شعر جو مطلب آهي ته اي پيارا آقا، مهمانِ خدا
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! دنيا ۾ علم اللسان ۽ قَادِرُ الڪلامي جو مَلِڪو (يعني ڳالهائڻ تي مهارت) ته گھڻن کي مليو آهي پر مان اوهان جي ڪلام تي ڇو نه قربان ٿيان ڇوجو اوهان جي هر ڳالھ ئي باڪمال ۽ بي مثال آهي۔ ٻي شعر جو مطلب آهي ته وڏا وڏا زبان دان، فصاحت ۽ بلاغت (خوش بياني) جا پيڪر ۽ جن تي خطابت ۽ شاعري به ناز ڪري ٿي، اهڙا ماڻهو جڏهن مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ٿا ته زبانون ڳالهائڻ کان معذور ٿي وينديون هيون، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ته منهن ۾ زبان ئي نه آهي، بلڪ ائين لڳي ٿو ته ڄڻ انهن جي جسمن ۾ جان ئي نه آهي۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صرف عَربن جو دَور ئي اسان جي آقا،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دَور نه هو، هاڻي ته هر زمانو منهنجي حضور جو آهي، هن دور ۾ دنيا کي ترقي ڪرڻي هئي، سائنسدانن کي اچڻو هو، مهينن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيڻو هو، چنڊ ۽ مريخ تائين رسائي جا دعوٰي ٿيڻا هئا، ٿي سگھي ٿو ته اڄ ڪو شخص اهو چوي ته جيڪڏهن توهان جا نبي اسان جا به نبي آهن، هن دَور جا به نبي آهن ته پوءِ اڄ جي سائنس جي اعتبار سان اهڙو ڪهڙو معجزو آهي؟ ته معراج جو معجزو هڪ اهڙو جواب آهي جنهن جو جواب سڄي دنيا جي سائنس وٽ به نه آهي۔ اڄ جي رات ئي اها عظيم رات