Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440
مختصر وضاحت: پهرين شعر يعني حضرت سَيدُنا موسيٰ ڪليمُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام کي جبل طُور تي گھرايو، حضرت سَيدُنا عيسيٰ روحُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام کي آسمان تي گھرايو ويو ۽ اسان جي آقا حبيب الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرش تي سڏائي ”ثُمَّ دَنٰی فَتَدَلّٰی“ جو قُرب عطا فرمايو۔ ٻي شعر جو مطلب سمورا انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام هڪ نه هڪ جِهت جي دائري ۾ آهن، يعني انهن کي خاص خاص شان، ڪمالات ۽ مُعْجِزَات عطا فرمايا ويا، پر اي منهنجا آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي عظمت جي ته ڪا حد ئي ناهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني جهتن ۽ قيدن کان وَرَاءُ الوَرا آهن۔ ٽئين شعر جو مطلب آهي اي پيارا آقا! حبيبِ خدا (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سمورا انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام مڪان ۾ آهن ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ته هي آهي جو مڪان ۾ به آهن ۽ لامڪان جي سير به ڪري آيا آهن، سمورا نبي جيڪڏهن جسم آهن ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڪيزه جان ۽ پاڪ رُوح جيان آهن۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معراج جي ٽئين حڪمت بيان ڪندي حڪيمُ الْاُمّت حضرت علامه مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا:حُضُور عَلَيۡهِ السَّلَام، الله پاڪ جي عطا سان هن جي تمام سلطنت جا مالِڪ آهن انهيءَ ڪري جنَّت جي پتن پتن تي، حُورن جي اکين ۾ مطلب ته هر جڳھ لَاۤ اِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله لکيل هو: يعني اهي شيون الله جون بڻايل آهن ۽ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله کي ڏنيون ويون آهن۔ (ته معراج ڪرائڻ ۾) الله پاڪ جي مرضي اها هئي جو (ٻنهي جهانن جي خزانن جي) مالِڪ کي ان جي ملڪيت ڏيکاري وڃي۔ (شانِ حبيب الرحمن، ص۱۰۷، ملتقطاًوملخصاً) شهزاده اعليٰ حضرت، مولانا مصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: