Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440

سان خبر پوي ٿي ته تمام انبياء وفات کانپوءِ به جتي چاهن اتي وڃي سگھن ٿا، ٭ معراج وارو واقعو اهڙو واقعو آهي جنهن سان معلوم ٿيندو آهي ته الله پاڪ جي قدرت سان ڪجھ بعيد نه آهي يعني اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ تي قادِر آهي، ٭ معراج وارو واقعو اهڙو واقعو آهي جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته الله پاڪ جيڪو چاهي ٿو اهو ڪري ٿو۔ ٭ معراج وارو واقعو اهڙو واقعو آهي جنهن سان معلوم ٿئي ٿو ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ تمام انبياء جو مرتبو ڪجھ ٻيو آهي جڏهن ته اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مرتبه ڪجھ ٻيو آهي۔

معراج واري واقعي ۽ ان جي هر پهلوءَ ۾ ڪيئي ڪيئي حڪمتون آهن، حڪيمُ الْاُمَّت، حضرت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه معراج جون حڪمتون بيان ڪيون آهن، اچو انهن مان ٽي حڪمتون ٻڌون ٿا:

پهرين حڪمت

   اهي سمورا مُعجِزَا ۽ دَرَجا جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهُمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي الڳ الڳ عطا فرمايا ويا آهن، اهي سمورا بلڪ اُنهن کان وڌيڪ (ڪيئي مُعْجِزَا) حُضُورِ پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ٿيا۔ هن جا ڪيترائي مِثال آهن: حضرتِ مُوسيٰ ڪلِيمُ الله (عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام) کي اهو دَرجو مِليو جو اهي جبل طُور تي وڃي رَبّ سان ڪلام ڪندا هئا، حضرتِ (سَيدُنا) عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام چوٿين آسمان تي گھرايا ويا ۽ حضرتِ اِدْرِيس عَلَيۡهِ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جنَّت ۾ گھرايا ويا ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج ڪرائي وئي، جنهن ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ سان ڪلام به ٿيو، آسمان جي سير به ٿي، جنَّت ۽ دوزخ جو مُعَائِنو به ٿيو، ملطب ته اهي سمورا رتبا هڪ ئي معراج ۾ طئي ڪرايا ويا۔ (شانِ حبيب الرحمن،ص۱۰۶ملخصاً)

اعليٰ حضرت، امامِ عشق و محبت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِ فرمائن ٿا:

طُور پر کوئی، کوئی چرخ پہ، یہ عرش سے پار

سارے بالاؤں پہ بالا رہی بالائی دوست