Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440
الله جي عنايت مرحبا معراج جي عظمت مرحبا اَقصيٰ جي شوڪت مرحبا
بُراق جي قسمت مرحبا بُراق جي سُرعَت مرحبا نبين جي اِمامت مرحبا
آقا جي رِفعت مرحبا آسمان جي سِياحت مرحبا مڪينِ لامڪان جي عظمت مرحبا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّتي مشاهدات جي باري ۾ ٻي روايت ٻڌون ٿا، جيئن،
حضرت سيدُنا ابو بُرَيدَه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمايو: (شبِ معراج) جڏهن مان جنّت ۾ داخل ٿيس ته سون سان سينگاريل هڪ محل وٽان منهنجو گذر ٿيو۔ مون پڇا ڪئي: ”لِمَنْ هٰذَا الْقَصْرُ اهو محل ڪنهن جو آهي؟‘‘ ملائڪن عَرض ڪيو: ”لِرَجُلٍ مِّنَ الْعَرَبِ اهو هڪ عَرَبي نوجوان جو آهي۔“ مون چيو: ”اَنَا عَرَبِي مان عَرَبي آهيان۔“ ملائڪن عرض ڪيو: ”لِرَجُلٍ مِنْ قُرَيْشٍ اهو هڪ قُرَشِي نوجوان جو آهي۔“ مون چيو: ”اَنَا قُرَشِيٌّ مان قُرَشِي آهيان“، ملائڪن عَرض ڪيو: ’’لِرَجُلٍ مِّنْ اُمَّة مُحَمَّدٍ اهو اُمّتِ محمديه جي هڪ شخص جو آهي۔“ مون چيو: ’’اَنَا مُحَمَّدٌ محمد ته مان آهيان۔ ملائڪن عرض ڪيو: ’’لِعُمَرَ بْنِِ الْخَطَّابِ اهو محل عُمَر بن خطّاب رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جو آهي۔“ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِرشاد فرمايائون: ”فَاَرَدْتُ اَنْ اَدْخُلَهُ فَاَنْظُرَ اِلَيْهِ، فَذَكَرْتُ غَيْرَتَكَ ته مون چاهيو ته مان ان محل ۾ داخل ٿيان ته جيئن ان کي ڏسي سگھان پر مون کي تنهنجي غيرت ياد آئي۔“ اهو ٻڌي اميرُ المُؤمنين حضرت سيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيائون: ”بِاَبِي وَاُمِّي يَا رَسُولَ الله،اَعَلَيک اَغَارُ؟يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا