Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440
حضرت عِيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جو معجزو
حَضْرتِ عيسيٰعَلَيۡهِ السَّلَام جي زماني ۾ عِلمِ طِب اِنتهائي تَرقّي تي پهتل هو، اهڙا اهڙا حڪيم هئا جيڪي وڏن وڏن مرضن جو بهترين علاج ڪندا هئا۔ جنهن جي ڪري مريض جلدي ٺيڪ ٿي ويندا هئا، ماڻهو اُنهن حڪيمن کان تمام گھڻو متاثر ٿي ويا هئا جو بس اهي ئي سڀ ڪجھ آهن، پر انهن حڪيمن وٽ به مادر زاد (پيدائشي) انڌي جو علاج نه هو، ان دَور جي طبيبن (ڊاڪٽرن) وٽ ڪوڙھ جي مرض جو علاج نه هو ۽ انهن وٽ موت جو ڪوبه علاج نه هو۔ انهن ٽنهي شين جي علاج کان اهي عاجز هئا ته الله ڪريم حضرت سَيدُنا عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام کي جيڪي معجزا عطا فرمايا، انهن مان هڪ اهو به هو ته عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام مادرزاد (پيدائشي) انڌي جي لاءِ دعا ڪندا هئا ته الله ڪريم ان کي نور عطا ڪري ڇڏيندو هو، حضرت عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام ڪوڙھ جي مريض جي جسم تي هٿ ڦيريندا هئا ته شفا ڏيڻ وارو ربِّ ڪريم ان کي به شفا عطا ڪري ڇڏيندو هو ۽ عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان مُردن کي به زندھ فرمائي ڇڏيو۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مطلب ته اهڙي طرح هر نَبي کي ان دَور جي ماحول مُطابِق ۽ ان جي قَوم جي مِزاج ۽ طبيعت جي مطابق مُعجِزَا عطا ٿيا۔ پوءِ جڏهن اسان جا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا ته اهو زبان ۽ ڪلام جو دَور هو، عرب جا ماڻهو وڏا فصيح ۽ بليغ (يعني وڏي رواني سان موقعي مناسبت سان گفتگو ڪرڻ وارا) هئا ۽ انهن کي پنهنجي زبان تي گھڻو ناز هو۔ پر جڏهن اُنهن جي اڳيان بروزِ محشر اُمّت جي شفاعت فرمائڻ واري آقا، تمام بلائن کان بچائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قرآنِ پاڪ جون آيتون تلاوت ڪيون ته اهي ماڻهو حيران ٿي ويا، قرآنِ پاڪ جو مقابلو ڪرڻ کان عاجز اچي ويا ۽ مڃڻ تي مجبور ٿي ويا ته اهو ڪنهن بشر جو ڪلام نه آهي۔ پاڻ الله پاڪ پنهنجي حبيب عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي زبان ۾ اهڙي فصاحت ۽ بلاغت(يعني خوش بياني) رکي جو جنهن جو مثال نٿو ملي۔ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَة الله عَلَيه فرمائن ٿا: