Book Name:Mujza-e-Meraaj Staeswen Shab 1440
مسرت سان جُھومي پيا، گھر ويا ۽ نوَ هزار (9000) دِينار کڻي آيا، اُنهن مان ٽي (3000) هزار ڳڻي منهنجي جھولي ۾ وڌائين ۽ چيائين: هي ٽي هزار(3000) قرض جي ادائيگي جي لاءِ آهن، ان کاپوءِ ٽي هزار(3000) ٻيا ڏنائين ۽ چيائين: هي تنهنجي ٻارن جي خرچ پکي جي لاءِ آهن۔ وري ٽي هزار(3000) ٻيا ڏئي چيائين: هي تنهنجي ڪاروبار جي لاءِ آهن۔ جڏهن مون کي رخصت ڪرڻ لڳو ته قسم ڏئي چيائين: اي ڀاءُ! تُون منهنجو دِيني ۽ مسلمان ڀاءُ آهين، خدارا! اهو محبت وارو تعلق نه ٽوڙجان ۽ جڏهن به ڪو ڪم هجي، ڪنهن شيء جي ضرورت هجي ته بنا روڪ ٽوڪ جي اچي وڃجان، مان اوهان جو مسئلو دل ۽ جان سان حل ڪري ڇڏيندس۔
واپاري شخص جو وڌيڪ بيان آهي ته مان اها رقم کڻي سڌو قاضي صاحب جي عدالت ۾ پهچي ويس ۽ جڏهن ڌرين کي گھرايو ويو ته مان اڳتي وڌيس ۽ ٽي هزار (3000) دِينار ڳڻي قاضي صاحب جي اڳيان رکي ڇڏيا۔ هاڻي قاضي صاحب سوال ڪيو ته ٻڌاءِ تون ايتري ساري رقم ڪٿان وٺي آيو آهين؟ جڏهن ته تون ته مُفلِس ۽ سُڃو هئين۔ مون سڄو ماجرو بيان ڪيو، قاضي صاحب اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو، پوءِ اٿي پنهنجي گھر ويو ۽ گھران ٽي هزار (3000) دينار کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو: سڄيون برڪتون وزير صاحب ئي ڇو ماڻي، مان به ته انهيء در جو غلام آهيان، تنهنجو اهو سمورو قرض مان پنهنجي کيسي مان ادا ڪيان ٿو۔ جڏهن قرض خواه اهو ماجرو ڏٺو ته اهو چوڻ لڳو ته تمام رحمتون توهان ئي ڇو ماڻيو، مان به ان جي رحمت جو حقدار آهيان۔“ اهو چئي ان لکي ڏنو ته مون الله ڪريم ۽ ان جي رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا جي لاءِ هن ٻانهي جو قرض معاف ڪيان ٿو۔ اهو ڏسي ان مقروض واپاري قاضي صاحب کي چيو: جناب اوهان جي تمام گهڻي مهرباني۔ اوهان پنهنجي رقم سنڀالي وٺو، هاڻي مون کي ان جي ضرورت ناهي رهي۔ ان تي قاضي صاحب چوڻ لڳو: مون الله ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت ۾ جيڪي دِينار آندا آهن اهي واپس وٺڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان، اهي