Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat
جان جي پرواھ به نه ڪيائون بلڪ فرمايائون: مدينه طيبه جي ارادي سان قدم دروازي جي ٻاهر رکي وٺان پوءِ چاهي رُوح پرواز ڪري وڃي. يعني پنهنجي آقا و موليٰ، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪجھ منهنجي اختيار ۾ آهي اهو مان ضرور ڪندس، پوءِ الله پاڪ جي رحمت ۽ مدني سرڪار، نبين جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم بيشُمار آهي، الله پاڪ ۽ ان جا پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهيندا ته مديني پهچائي ڇڏيندا، نه ته منهنجي طرفان ته حڪم تي عَمَل ٿي چڪو هوندو۔
آنے دو یا ڈبو دو، اب تو تمہاری جانِب کشتی تمہیں پہ چھوڑی، لنگر اُٹھا دئیے ہیں
(حدائقِ بخشش، صفحہ:102)
سبحٰن الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي حقيقي عشق رسول...!! افسوس! هاڻي ته صرف عشق رسول جا وڏا دعوا رِهجي ويا آهن، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ته خواب ۾ ڏنل حڪم تي به جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا پر اسان جو حال اهو آهي جو اهي اَحڪام جيڪي اسان جي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظاهري حيات ۾، هن ظاهري دُنيا ۾ رهندي اسان غُلامن جي لاءِ ارشاد فرمايا اسان اُنهن تي به عمل نٿا ڪري سگهون * ڪجھ قدم فاصلي تي مسجد آهي، قالين وڇايل آهن، پکا ۽ ڪجھ جڳھ A.C به لڳل آهن، تمام سهولتون موجود آهن، تندرست به آهيون، هٿ پير به سلامت آهن، ان جي باوُجود باجماعت نماز جي پابندي نٿا ڪري سگھون، * افسوس! ڪيئي مسلمان ته اهڙا به آهن جو انهن جون نمازون ئي قضا ٿي وينديون آهن، * اسان کي رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر هڪ تعداد آهي جيڪو معمولي سببن يا محض اناپرستي جي ڪري رشتا ناطا ٽوڙي ڇڏيندا آهن، * صاحبِ نصاب کي شرط موجود هئڻ جي صُورت ۾ زڪوٰة ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ڪيترا اهڙا آهن جيڪي معاذ الله زڪوٰة جي پوري ادائيگي نٿا ڪن، * اسان کي رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ جو حڪم ڏنو ويو پر