Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

پيارا اسلامي ڀائرو! هن اِيمَان افروز مُنَاظري جو تفصيل هيئن آهي هڪ ڀيري ڏڪار پيو، برساتون نه ٿيون، اَناج ختم ٿيڻ لڳو، ماڻهو مشڪلاتن جا شڪار ٿيا۔ اهڙي مشڪل وقت ۾ نمرود بدبخت اها سياست ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اناج جا تمام ذخيرا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا، هاڻي جيڪو اَن وٺڻ ايندو هو ته نمرود ان کان پڇندو هو: تنهنجو رَبّ ڪير آهي؟ هو چوندو هو ته منهنجو رَبّ تون آهين ته نمرود ان کي اَنُ ڏيندو هو۔ ان دوران حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام به نمرود جي درٻار ۾ تشريف کڻي آيا۔ ان وقت حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ نمرود جي وچ ۾ مُنَاظَرو ٿيو۔ (تفسیرنعیمی، پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:258، جلد:3، صفحہ62)

ان مُنَاظَري ۾ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو اَصل هڪ ئي دليل آهي ۽ اهو هي ته * رَبّ اهو هوندو آهي، جيڪو مڪمل قُدرت ۽ اختيار وارو هجي، ڪنهن جو محتاج نه هجي۔

* ۽ صِرف هڪ ئي هستي آهي جيڪا ڪائنات ۾ مڪمل قدرت ۽ اختيار واري آهي۔

* ان ڪري اها هڪ ئي هستي رَبّ آهي، سڀئي ان جا محتاج آهن، هو ڪنهن جو محتاج نه آهي۔

پر اهو دليل منطقي طريقيڪار کان ڪجھ مشڪل هو، لهٰذا حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اهو دليل بيان ڪرڻ بدران، ان جا ٻه مِثَال بيان ڪيا، پوءِ جڏهن نمرود پڇيو ته اي ابراهيم! اوهان جو رَبّ ڪير آهي؟ ان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: