Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

هو، ان ڪري ان بيوقوف پنهنجي ڪوڙي عِزَّت بچائڻ جي لاءِ نهايت اَحمقاڻو جواب ڏيندي، چيو:

قَالَ اَنَا اُحْیٖ وَ اُمِیْتُؕ- (پاره3،سورۃالبقرۃ:258)      

ترجمو ڪنزالايمان: چوڻ لڳو مان(به) جياريندو ۽ ماريندو آهيان.

يعني اي ابراهيم (عَلَيۡهِ السَّلَام)! اوهان جي چوڻ مُطَابق جيڪڏهن ربّ اهو آهي جيڪو زِندگي ۽ موت ڏئي ٿو ته اهو ڪم ته مان به ڪري سگھان ٿو، تنهنڪري توهان جي ئي دليل مطابق مان رَبّ ٿيس۔ پوءِ نمرود پنهنجي هن دعوي کي سچو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ٻه قيدي گھرايا، انهن مان هڪ کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ ٻئي کي آزاد ڪري ڇڏيائين ۽ چيائين: ڏس! جنهن کي مون ڇڏي ڏنو، ان کي مون زِندگي ڏني ۽ جنهن کي قتل ڪيو، ان کي مون موت ڏنو۔

الله! الله...!! ڪهڙي بيوقوفي واري ڳالھ آهي...!! ڪٿي هڪ بي جان شيء ۾ جان وجھڻ ۽ ڪٿي زِندھ شخص کي زِندھ ڇڏي ڏيڻ، انهن ٻنهي ڳالهين ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، جيتوڻيڪ عقل مند انهيء مان سمجھي سگھي ٿو ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو ڏنل دليل پختو ۽ واضح آهي پر ان تي نمرود جي اها ظالمانه حرڪت ڪيتري چريائپ واري آهي، البت اتي موجود سڀئي ماڻهو نمرود جا حمايتي هئا، اهي نمرود جي هن چريائپ کي ان جي فتح سمجھندا رهيا، لهٰذا حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي انهيء دليل کي هڪ ٻئي انداز سان بيان ڪندي فرمايو:

فَاِنَّ اللّٰهَ یَاْتِیْ بِالشَّمْسِ مِنَ الْمَشْرِقِ فَاْتِ بِهَا مِنَ الْمَغْرِبِ    (پاره3،سورۃالبقرۃ:258)

ترجمو ڪنزالايمان: الله سج کي آڻيندو آهي اوڀر کان تون ان کي اولھ کان آڻ

يعني اي نمرود! بي جان جِسم ۾ جان پيدا ڪرڻ ته تنهنجي وس جي ڳالھ نه آهي، اي رَبّ هئڻ جا ڪوڙا دعويدار! تون هن کان آسان ڪم ئي ڪري