Book Name:Hazrat Ibraheem Aur Namrood

ڏيکار، اهو هي ته سج هڪ بي جان جسم آهي، اهو مسلسل حرڪت ڪري رهيو آهي، چاهي..! ان جي حرڪت کي روڪڻ مشڪل آ، تون بَس ايترو ڪر ته سج اوڀر کان اولھ ڏانهن لهندو آهي، تون ان جو سمت(رُخ) بدلي ڇڏ ۽ سج کي اولھ بدران اوڀر ڏانهن لاهي ڏيکار۔

بَس اهو ٻڌڻ هو جو نمرود جا هوش اُڏامي ويا ۽ شرمندگي سبب ڦڪو ٿي ويو۔ ان نادان ۽ بدبخت کان ٻيو ڪجھ ته نه ٿي سگھيو، هٺ ڌرمي ڏيکاريندي چيائين: ابراهيم! وڃ...!! مون وٽ تنهنجي لاءِ اَناج ناهي، ان ربّ کان وڃي گھر جنهن جي تون عبادت ڪرين ٿو۔ اهو ٻُڌي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام هٿين خالي واپس موٽي آيو، رستي ۾ هڪ واريءَ جي ڍير وٽان گذريا، اتان کان پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ ٿهيليءَ ۾ وَاري ڀري ورتي ۽ گھر پهتا، واريءَ مان ڀريل ٿهيلو رکي پاڻ آرام ڪرڻ لڳا۔ جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام بيدار ٿيا ته سندن گھرواري حضرت ساره رَضِىَ اللهُ عَنۡها کاڌو پيش ڪيو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پڇا ڪئي: اهو اناج ڪٿان آيو؟ عرض ڪيائين: اهو ئي آهي جيڪو اوهان ٿهيلي ۾ ڀري کڻي آيا آهيو۔ اهو ٻُڌي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام سمجھي ويا ته الله پاڪ پنهنجي قُدرت جي خزانن مان اسان کي رِزق عطا فرمايو آهي۔

اي عاشقانِ رسول! ظالِم ۽ سرڪش بادشاھ نمرود جو انجام انتهائي عبرتناڪ ٿيو، تفسير نعيمي ۾ آهي: نمرود جي لشڪرن تي مڇرن جو عذاب موڪليو ويو، مڇر ايترا وڌي ويا جو ان ڪري سج نظر نه پئي آيو، انهن مڇرن نمرودي لشڪرن جو رت چوسي ورتو، گوشت پٽي ورتو ۽ نمرود کان عِلاوه باقي سڀني جون هڏيون ئي باقي رهجي ويون، نمرود ان عذابِ اِلٰهي کي ڏسندو هو پر ڪجھ نه ڪري سگھندو هو، پوءِ هڪ مڇر نمرود جي نڪ جي ذريعي دماغ ۾ داخل ٿي ويو ۽ 400 سالن تائين ان جو مغز کائيندو رهيو، جڏهن مٿي ۾ ضرب لڳائي ويندي هئي ته مڇر ڏنگڻ ڇڏي ڏيندو هو نه ته ڏنگيندو وتندو هو، ڏينهن رات ان جي مٿي تي جوتا ۽ ٿڦڙ لڳندا رهندا هئا، هاڻي ان جي دربار