Book Name:Quran Aur Farooq e Azam
هنن آيتن کي سامهون رکي اندازو لڳايو ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي راءِ ڪيتري مضبوط هئي، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سوچ، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو فڪر ڪيترو اعليٰ هو، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو دِلي لاڙو ڪيترو زَبردست هو، حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه قرآنِ ڪريم جي مِزَاج سان ڪيترا واقِف هئا جو سندن سوچ جي مُوَافِق، سندن فِڪر جي مُوَافِق، سندن راءِ ۽ دِلي ميلان جي مُوَافق قرآنِ ڪريم لهندو هو۔ سُبحٰنَ الله! اهو آهي قرآنِ ڪريم جو ۽ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو پاڻ ۾ انتهائي گهرو تعلق..!
* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن عمر سان بغض رکيو، ان مون سان بغض رکيو، جنهن عمر سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي۔ بيشڪ الله پاڪ عرفه جي رات جو مسلمانن تي عام فخر فرمائيندو آهي ۽ عمر تي خصوصي فخر فرمائيندو آهي، بيشڪ پهريان جيترا نبي سڳورا عَلَيهمُ السَّلَام تشريف فرما ٿيا، اُنهن جي اُمَّت ۾ مُحَدِّث هوندا هئا، جيڪڏهن منهنجي اُمَّت ۾ ڪو مُحَدِّث آهي ته اهو عمر آهي۔ صحابه ڪرام
عَلَيهمُ الرِّضوَان پڇيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪهڙا مُحَدِّث؟ فرمايائون: اهو جنهن جي زبان تي ملائڪ ڳالهائيندا آهن۔([1])
اسان وٽ عام طور تي جيڪو لفظِ مُحَدِّث چيو ويندو آهي جيئن مَولانا سَردار احمد صاحب رَحۡمةُ اللهِ عَلَيۡه کي مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان چيو ويندو آهي، هن مان مراد آهي: حديث شريف جو تمام وڏو عالِم، ۽ هن حديثِ پاڪ ۾ جيڪو لفظ ”مُحَدِّث“ آيو آهي، هن مان مراد اهو شخص آهي جنهن جي زبان تي ملائڪ ڪلام ڪندا آهن ۽ اهي مُحَدِّث حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه آهن۔
* هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَ اللہَ جَعَلَ الْحَقَّ عَلیٰ لِسَانِ عُمَرَ وَ قَلْبِہٖ بيشڪ الله