Book Name:Quran Aur Farooq e Azam
پاڪ عمر جي زبان ۽ دِل تي حق رکي ڇڏيو آهي۔([1]) * طَبَراني شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي، مڪي مدني آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عمر مون سان گڏ آهي، مان عمر سان گڏ آهيان، مون کان پوءِ عمر جتي به هجي، حق ان سان گڏ هوندو۔([2]) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: نبين جي سَروَر، آقاءِ عمر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: آسمان تي ڪو ملائڪ ناهي پر اهو عمر جي عزّت ڪري ٿو ۽ زمين تي ڪو شيطان ناهي پر اهو عمر کان پري ڀڄي ٿو۔([3])
گلی سے ان کی شیطاں دُم دبا کر بھاگ جاتا ہے ہے ایسا رُعب، ایسا دبدبہ فاروقِ اعظم کا([4])
هڪ ڀيري صحابي رسول، حضرت اَبُو ذَر غِفَاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ نوجوان کي فرمايو: اِسْتِغْفِرْ لِی منهنجي لاءِ مغفرت جي دعا گھرو...!
سُبحٰنَ الله! اندازو ڪيو! حضرت اَبُو ذَر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏي رتبي وارا صحابي آهن، هر صحابي جنّتي آهي، اُن جي باوُجود حضرت ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ نوجوان کان دُعاءِ مغفرت ڪرائي رهيا آهن، اسان کي به گھرجي ته اسان مسلمانن کان پنهنجي لاءِ دُعاءِ مغفرت ڪرايون، خبر ناهي ڪنهن جي دُعا قبول ٿي وڃي ۽ اسان جو ٻيڙو پار ٿي وڃي، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت فاروقِ اعظم
رَضِىَ اللهُ عَنۡه ته ٻارن کي فرمائيندا هئا: ٻارو...! دُعا ڪيو ته عمر بخشجي وڃي۔([5])