Book Name:Quran Aur Farooq e Azam
اهو انهن نادانن جو اعتراض آهي۔ هن اعتراض جي جواب ۾ ٻه مدني گل ذهن نشين ڪريو! * پهريون مدني گل ته اهو ياد رکڻو آهي ته ”دِين“ اسان تائين عقل ذريعي نه، بلڪ دِين روايتن سان پهتو آهي۔ يعني جيڪو ڪجھ قرآنِ ڪريم ۾ آهي، جيڪو ڪجھ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو، ان کي مڃڻ جو نالو دين آهي، هاڻي پياري آقا، رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪو ڪجھ فرمايو، اهو سڀ ڪجھ صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان ٻڌو، ڏٺو ۽ اڳتي بيان ڪيو، پوءِ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان کان تابِعِين ٻڌو، تابِعِين کان تَبَع تابِعِين ٻڌو، پوءِ تبع تَابِعِين پنهنجي بعد وارن کي ٻڌايو، ايئن ڪندي ڪندي اسان تائين دِين پهتو، هاڻي اها جيڪا روايت ٿي يعني هڪ شخص پنهنجي بعد واري کي دِين جون ڳالهيون سيکاريندو رهي، ٻڌائيندو رهي، هن جي باري ۾ اُصُول مقرر آهن، بَس جيڪا ڳالھ اسان تائين پهتي ۽ اُنهن اُصولن جي مُطَابق آهي، ان کي قبول ڪيو ويندو، جيڪڏهن اسان جو عقل ان ڳالھ جي مُوَافِق آهي ته ان تي شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪر اسان جي عقل ۾ اها ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته ان تي عقل جا گھوڙا نه ڊوڙايا وڃن بلڪه دِين جي ان ڳالھ کي، حديثِ پاڪ کي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي انهن فرمانن کي مڃيو ويندو، عقل جي پيروي نه ڪئي ويندي۔ لهٰذا جڏهن حديثن ۾ موجود آهي ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه هن اُمَّت جا مُحَدِّث آهن، سندن زبان تي ملائڪ ڪلام ڪندا آهن، سندن زبان تي الله پاڪ حق رکي ڇڏيو آهي، حديثن ۾ به اهو موجود آهي ته کوڙ آيتون حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي مُوَافقت ۾ نازِل ٿيون آهن، حديثِ پاڪ جي وڏن وڏن ماهر عالم سڳورن اهي حديثون، اهي روايتون ڪتابن ۾ لکيون آهن ته هاڻي اسان جي عقل ۾ اچن يا نه اچن، اسان انهن کي قبول ئي ڪنداسين ۽ بَس...
عقل کو تنقید سے فرصت نہیں عشق پر اعمال کی بنیاد رکھ