Book Name:Quran Aur Farooq e Azam

نبي بڻجي ها؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن جو يقيني جواب اِرشَاد فرمايو ته مون کان بعد ڪو نبي اچڻ ته ناممڪن، جيڪڏهن بالفرض ممڪن هجي ها ته پوءِ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه نبي بڻجي ها۔ خبر پئي جيڪو ٿي چڪو ۽ جيڪو قيامت تائين ٿيڻو آهي، اهو ته غيب ڄاڻيندڙ آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خبر آهي، ان سان گڏوگڏ جيڪو نه آهي، جيڪڏهن هجي ها ته ڪيئن هجي ها، اسان جا آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو به ڄاڻن ٿا۔ سُبحٰنَ الله! اهو آهي عِلمِ غيبِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

عَالِمُ الْغَیْب نے ہر غیب سے  آگاہ کیا   صدقےاس شان کی بینائی و دانائی کے([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اها ئي حديثِ پاڪ ته ”جيڪڏهن مون کان بعد ڪو نبي هجي ها ته عمر نبي بڻجي ها“ هن حديثِ پاڪ جو اَصل مطلب به سمجھو! سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمةُ اللهِ عَلَيۡه جي وَضَاحت مُطَابق هن حديثِ پاڪ جو مطلب اهو آهي ته نَبّوّت ڪسبي نه آهي يعني ڪو به پنهنجي ڪوشش سان، پنهنجي محنت سان نبي نٿو بڻجي سگھي بلڪه الله پاڪ جنهن کي چاهيندو آهي نبوت جو تاج پارائيندو آهي، ها! اهو تاجِ نبوت الله پاڪ صِرف ان کي پارائي ٿو جنهن کي ان جي لائق بڻائيندو آهي، هن اعتبار سان ڏٺو وڃي ته اهي تمام اَوصاف جيڪي نبين ۾ هوندا آهن، اهي سمورا اَوصَاف حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۾ موجود آهن پر الله پاڪ ان کي نبي ناهي بڻايو، ڇو ناهي بڻايو...؟ ان ڪري جو الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا ۾ اچي چڪا آهن، هاڻي نبوت جو دروازو بند ٿي چڪو آهي، هاڻي قيامت تائين ڪو به نئون نبي نه ايندو۔ ([2])


 

 



[1]...ذوق نعت، صفحہ:239۔

[2]...فتاوٰی رضویہ، جلد:15، صفحہ:673۔