Book Name:Aqal Mand Mubaligh
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي، اعتڪاف جي نيت ضرور ڪري وٺو، نيت دل جي ارادي کي چوندا آهن، دل ئي ۾ نيت ڪري وٺو ته مان اعتڪاف سان آهيان، توهان معتڪف ٿي ويندؤ، دل ۾ نيت حاضر هوندي زبان سان به دهرائي وٺڻ سٺو آهي، چاهي پنهنجي مادري زبان ئي ۾ چئي وٺو: مون سنت اعتڪاف جي نيت ڪئي. ! اِنْ شَآءَ اللہ! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفلي اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو،
رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن مون تي صبح وشام 10، 10 ڀيرا دُرُودِ پاڪ پڙھيو ان کي قيامت جي ڏينهن منهنجي شفاعت ملندي۔ (مجمع الزوائد، جلد:10، صفحہ: 163، حدیث: 17022)
شافعِ روزِ جَزا تم پہ کروڑوں دُرُود دافعِ جُملہ بَلا تم پہ کروڑوں دُرُود
(حدائقِ بخشش، صفحہ:264)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد