Book Name:Aqal Mand Mubaligh

العَالِيه اهو مدني مقصد اپنايو ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ پوءِ هن مدني مقصد کي کڻي پاڻ نه ڏينهن ڏٺو نه رات، مسلسل ڪوشش ڪندا ويا، ڪندا ويا، ايستائين جو الله پاڪ جي ڪرم ۽ ان پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نَظرِ عِنَايت سان، اولياءِ ڪرام جي فيضان سان دعوتِ اسلامي جو دِيني پيغام سڄي دُنيا ۾ عام ٿي ويو۔

* ابتداء ۾ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهُمُ العَالِيه کوڙ تڪليفون سَٺيون، سندن راھ ۾ رُڪاوٽون به وِڌيون ويون، ڪن نادانن نيڪي جي دعوت جي هن ديني ڪم کان مَعَاذَ الله! روڪڻ جون به ڪوششون ڪيون پر پاڻ نه رُڪيا، بلڪه الله پاڪ جي رحمت تي نظرون رکي اڳتي کان اڳتي وڌندا ويا۔ * پاڻ پري پري جو سَفَر ڪندا هئا * هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيئي ڪيئي بيان ڪندا هئا * مَسجِد مَسجِد، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ويندا هئا * ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا * ڪٿي مَيت ٿي وڃي ته مسلمانن جي غم خواري، دِل جُوئي ۽ خير خواهي جي جذبي تحت پنهنجي هٿن سان ميت کي غسل ڏيندا هئا، ڪفن پارائيندا هئا، نمازِ جنازه پڙھائيندا هئا * غمي ۽ خوشي جي موقعن تي مسلمانن جي اهڙي دل جُوئي ڪندا هئا جو اهي به نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سان گڏ سفر ۾ شريڪ ٿي ويندا هئا۔

  ائين پاڻ استقامت سان نيڪي جي دعوت ڏيندا ويا، سندن مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ * جيڪي بي نمازي هئا نمازي بڻجي ويا بلڪه مسجدن جا امام بڻجي ويا * بدنگاهي ڪرڻ وارا حيادار بڻجي ويا * ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارا بااَدب ٿي ويا * چور ۽ ڌاڙيل، توبه ڪئي، چوري، ڌاڙو ڇڏي مُعَاشَري جا شريف انسان بڻجي ويا * حَسَد جي باھ ۾ سڙندڙ شڪر گذار ۽ خير خواھ ٿي ويا * فلمن ۽ گانن جا شوقين نعتِ مصطفيٰ پڙھڻ ٻڌڻ وارا بڻجي ويا * دُنيا جي گندي گناهن ڀري عشق جا ديوانا، پياري مصطفيٰ، مڪي مدني آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زُلفن جا ديوانا ٿي ويا * مال ۽ دولت جي پٺيان ڀڄڻ