Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat
ربيع الاول جي مهيني ۾ ولادتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏينهن ۾ خوشي ملهائي هجي. اهو ٻڌي هي سمجهي ويو ته منهنجا والدين به انهي ۾ هئڻ گهرجن، ايتري ۾ آواز آيو هن نوجوان کي اندر اچڻ ڏيو، هن جا والدين هِن سان ملڻ چاهن ٿا، ان ڪري هو اندر داخل ٿيو. هن ڏٺو ته سندس والده مرحومه ڪوثر جي نهر جي ڀرسان ويٺي آهي، ڀر ۾ هڪ تخت وڇايل آهي ان تي هڪ مُعَزِز عورت جلوه افروز آهي ۽ ان جي پاسي ۾ ڪرسيون وڇايل آهن جن تي ڪجهه باوقار عورتون تشريف فرما آهن، ان هڪ ملائڪ کان پڇيو: هي عورتون ڪير آهن؟ ان ملائڪ جواب ڏنو:
تخت تي شهزاديِء ڪونينِ سيِّدتُنا فَاطمه زَهرا رَضِیَ اللهُ عَنْهَا آهن ۽ ڪُرسين تي سَيدَتُنا خديجةُ الڪبريٰ، عائشه صديقه، سَيدَتُنا مريم، سَيدَتُنا آسيه، سَيدَتُنا ساره، سَيدَتُنا هاجره، سَيدَتُنا رابعه ۽ سيّدتنا زُبيده رَضِیَ اللهُ عَنْهُنَّ آهن. کيس تمام گهڻي خوشي ٿي وڌيڪ اڳتي وڌيو ته ڇا ٿو ڏسي ته هڪ تمام وڏو تخت رکيل آهي ۽ ان تي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو پيارو پيارو مبارڪ چهرو چمڪائيندي رونق افروز آهن، پاسي ۾ چار ڪرسيون رکيل آهن انهن تي خُلفاءِ راشدين عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ تشريف فرما آهن، ساڄي پاسي کان سون جي ڪرسين تي انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام رونق افروز ۽ کاٻي پاسي شهداءِ ڪرام جلوه افروز آهن، ايتري ۾ سندس والد مرحوم ابراهيم به سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڀرسان ئي جُهرمَٽَ ۾ نظر آيا، والد صاحب پنهنجي جگر جي ٽُڪڙي (يعني پٽ) کي سـيني سان لڳايو، هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سوال ڪيائين: پيارا بابا سائين! توهان کي هي عالـيشان رتبو ڪيئن حاصل ٿيو؟ ان جواب ڏنو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هي جشنِ ولادت ملهائڻ جو صلو آهي. ان کان پوءِ ان نوجوان جي اک کلي وئي صبح ٿيندي ئي ان پنهنجو گهر گهٽ قيمت ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ مرحوم والد جي بچيل پنجاهه درهمن ۾ سڄي رقم ملائي کاڌي جو اهتمام ڪيائين ۽ عُلَماء ۽ صُلَحاء (يعني نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن) جي دعوت ڪيائين،