Book Name:Milad Mananay Walo Kay Waqiyat
سندس دل دنيا کان بيزار ٿي چڪي هئي پوءِ هو مسجد ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ٽيهه سال عبادت ۾گذاري ڇڏيا، وفات کان پوءِ ڪنهن کيس خواب ۾ ڏسي پڇيو ڇا گذريو؟ چيائين: مون کي جشنِ ولادت ملهائڻ جي برڪت سان جنت ۾ پنهنجي والدِ مرحوم وٽ پهچايو ويو آهي. (صبح بهاراں ،ص۸تا۱۱)
بخش دے مجھ کواِلٰہی ! بہرِ میلادُ النّبی نامَۂ اعمال عِصیاں سے مِرا بھر پور ہے
(وسائلِ بخشش ص 484)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ عَلـٰی مُـحَـمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! جشنِ عيد ميلادُالنبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملهائڻ وارن جو ايمان افروز واقعو توهان ٻڌو، واقعي الله عَزَّوَجَلَّ ميلاد شريف ملهائڻ وارن سان خوش ٿيندو آهي ۽ ان تي پنهنجن انعامن ۽ نوازشن جي بارش به ڪندو آهي۔ يقيناً ميلاد شريف ملهائڻ، ميلاد جي مهيني ۾ پنهنجن گھرن، گهٽين پاڙن بلڪ پنهنجي گاڏين کي مدني پرچمن، جڳمڳ ڪندڙ قُمقُمن، رنگ برنگي لائٽن سان سجائڻ، ربيع الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي مسجدن ۾ مُبارڪباد جو اعلان ڪرڻ، هن مبارڪ مهيني جي آمد تي بالخصوص گناهن کان توبه ڪرڻ، سُنّتن ۽ نيڪين تي اِستقامت ماڻڻ لاءِ عظيم مدني نُسخي يعني ”نيڪ اعمال“ جي مطابق زندگي گذارڻ جو پڪو اِرادو ڪرڻ، گهٽي گهٽي، ڳوٺ ڳوٺ ”مرحبا يا مُصطفيٰ“ جون ڌُومون مچائڻ جي لاءِ اسلامي ڀائرن جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ، اجتماعِ مِيلاد ۽ جُلوسِ مِيلاد ۾ مڪتبةُ المدينه جا مدني رسالا ورهائي نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ، ربيع الاوّل جي 12 ڏينهن تائين عَلائقن جي مختلف مسجدن ۾ جشنِ وِلادت جا عظيم الشّان سُنّتن ڀريا اجتماع مُنعقد ڪرڻ، ربيعُ الاوّل جي هفتيوار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ مدني پرچم کڻي اوّل تا آخر شرڪت ڪرڻ، ٻارهين جي رات ان عظيم رات