Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 3)

سکڻ  ۽  سيکارڻ جي حلقن جو  جدول

 (1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

 اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ والدين جا 3 حق (ٽيون حصو) سيکاريا ويندا ۽ قرض جي ادائگي وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي. ۽ آخر ۾ نيڪ اعمالن جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو.  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي:  جنهن مون تي 1 ڀيرو درود شريف پڙهيو الله پاڪ اُن تي 10 رحمتون موڪليندو ۽ اُن جي اعمالنامي ۾ 10 نيڪيون لکندو آهي. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 والدين جا 3 حق (قسط ٽين)

آيت مبارڪه

 

وَ وَصَّیْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَیْهِ حُسْنًاؕ-وَ اِنْ جَاهَدٰكَ لِتُشْرِكَ بِیْ مَا لَیْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَاؕ-

(پارہ :20،سورۂِ عنکبوت :8)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان (هر) انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. ۽ (اي ٻانها!) جيڪڏهن اهي تو تي زور ڀرين ته تون ڪنهن کي منهنجو شريڪ ڪرين جنهن جو توکي ڪو علم ئي ناهي، ته پوءِ تون سندن اطاعت نه ڪر.“


 

 



[1]... ترمذى، ابواب الوتر، باب فى فضل الصلاة على النبى صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم، صفحہ:144، حديث:174۔