Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 3)

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 جيڪو شخص پنهنجي والدين جي وفات کانپوءِ: * سندن قسم پورو ڪري، * سندن قرض ادا ڪري * ۽ ٻين جي ماءُ پيءُ کي برو ڀلو چئي، پنهنجن والدين کي برو ڀلو نه چورائي، ته اهو (شخص) والدين جو فرمانبردار لکيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ اهو سندن حياتيءَ ۾ نافرمان ئي ڇو نه هو. ۽ جيڪو شخص (سندن وفات کانپوءِ): * سندن قسم پورو نه ڪري، * سندن قرض ادا نه ڪري، * ۽ ٻين جي والدين کي برو ڀلو چئي، پنهنجن والدين کي برو ڀلو چورائي، ته اهو (شخص) والدين جو نافرمان لکيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ اهو سندن حياتيءَ ۾ فرمانبردار هو.“ ([1])

والدين جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! الله ۽ ان جي رسول اسان کي والدين سان نيڪي ۽ ڀلائي جو حڪم ڏنو آهي. هي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي. والدين جا ڪيترائي حق آهن، جن مان 6 حق اسان اڳ ۾ ئي سکي چڪا آهيون ۽ 3 اڄ سکنداسون. اچو! پهرين سکيل حق ورجائي وٺون: (1) اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ (2) والدين کي راضي رکڻ (3) والدين جي خدمت ڪرڻ (4) ادب ۽ احترام ڪرڻ (5) والدين لاءِ دعا گهرڻ (6)  والدين جي واسطيدارن سان صله رحمي ڪرڻ.

وڌيڪ 3 حق جيڪي اڄ سکڻا آهن:

پهريون حق:  والدين کي بُرو ڀلو نه چوڻ

وضاحت:  والدين کي سب و شتم (گاريون ڏيڻ ۽ بُرو ڀلو چوڻ) ڪبيره گناهه آهي. والدين کي بُرو ڀلو چوڻ جون ڪجھ صورتون آهن:

(1)  مَعاذَ الله!  پاڻ پنهنجي زبان سان والدين کي بُرو ڀلو چوڻ، کين عيبدار چوڻ، سندن غيبتون ڪرڻ، گاريون ڏيڻ وغيره. معراج جي رات، نبين جي سردار،


 

 



[1]... معجم  اوسط ،جلد:3،صفحہ:381،حدیث:4891۔