Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 3)

رسولن جي سالار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دوزخ ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو ڏٺا، جيڪي باهه جي شاخن سان لٽڪيل هئا. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ”اي جبريل! هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟“ عرض ڪيائون: هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي دنيا ۾ پنهنجن والدين کي گاريون ڏيندا (بُرو ڀلو چوندا) هئا.[1] (2) اهڙا ڪم ڪرڻ جو ماڻهو توهان جي والدين کي بُرو ڀلو چون، *         سندن بي عزتي ڪن، وغيره. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو: ”ٻانهي جو پنهنجن والدين کي گاريون ڏيڻ ڪبيره گناهن مان آهي.“ عرض ڪيو ويو: ”يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا ڪو پنهنجن والدين کي به گاريون ڏئي سگهي ٿو؟“ فرمايائون: ”ها! (اهو ائين جو) هي ڪنهن جي پيءُ کي گاريون ڏئي ٿو ته اهو (بدلي ۾) هن جي پيءُ کي گاريون ڏيندو آهي ۽ هي ڪنهن جي ماءُ کي گاريون ڏئي ٿو ته اهو (بدلي ۾) هن جي ماءُ کي گاريون ڏيندو آهي.“[2]

ٻيون حق:   والدين جي وفات کان پوءِ سندن تجهيز ۽ تڪفين وغيرھ جو  انتظام ڪرڻ

وضاحت:  خدا نه ڪري، جيڪڏهن والدين مان ڪو وفات ڪري وڃي ته سندن * غسل * ڪفن * نمازِ جنازه ۽ * دفن ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي. انهن سڀني ڪمن ۾ سنتن ۽ مُستحبات جو خيال رکيو وڃي، ته جيئن ميت کي انهن سنتن ۽ مستحبات جون برڪتون حاصل ٿين. بهتر اهو آهي ته اولاد  اهي ڪم پاڻ ڪري، جيڪڏهن اولاد مان ڪنهن کي هي ڪم ڪرڻ نه ايندو هجي ته ڪو به نيڪ ۽ پرهيزگار شخص اهو ڪم ڪري ته به ڪا حرج ناهي.

ياد رهي! انهن سڀني ڪمن ۾ جلدي ڪئي وڃي، بنا ڪنهن سبب جي دير ڪرڻ جي سختي سان منع آهي. حديث پاڪ ۾ آهي:  جڏهن توهان مان ڪو فوت ٿي


 

 



[1]الکبائر لذھبی،الکبیرۃ الثامن عقوعق الوالدین ،صفحہ:31۔

[2] مسلم ،كتاب الايمان ،باب بيان الکبائر واکبرھا ،صفحہ:53،حدیث:146۔