Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 3)
وڃي ته ان کي روڪي نه رکو ۽ جلدي دفن ڪيو.[1]
ٽيو ن حق : والدين جو قرض ادا ڪرڻ
وضاحت: والدين تي قرض هجي ته سندن زندگيءَ ۾ به انهن سان گڏجي قرض ادا ڪرڻ ۽ جيڪڏهن والدين وفات ڪري وڃن ته سندن قرض لاهڻ ۾ جيترو ٿي سگهي جلدي ڪرڻ. منهنجي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مسلمان جو روح پنهنجي قرض جي ڪري ان وقت تائين مُعَلَّق رهندو آهي (يعني جنت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو آهي)، جيستائين ان جو قرض ادا نه ڪيو وڃي. [2]
اڄ اسان والدين جا 3 حق سکيا آهن، ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو!
(1) والدين کي بُرو ڀلو نه چوڻ. (2) والدين جي وفات کان پوءِ سندن تجهيز ۽ تڪفين وغيره جو انتظام ڪرڻ. (3) والدين جو قرض ادا ڪرڻ.
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
قرض جي ادائيگي جي وقت جي دعا
اَللّٰھُمَّ اکْفِنِیْ بِحَلَالِکَ عَنْ حَرَامِکَ وَاَغْنِنِیْ بِفَضْلِکَ عَمَّنْ سِوَاکَ
ترجمو: اي الله پاڪ! مون کي حلال رزق عطا فرمائي ڪري حرام کان بچاءِ ۽ پنهنجي فضل و ڪرم سان پاڻ کان سواءِ غيرن سان بي نياز ڪري ڇڏ. ([3])
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
روزانو 56 نيڪ اعمال: