Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

ممتاز (يعني الف ۽ ع، س ۽ ص، ق ۽ ڪ، ح ۽ ھ وغيره هڪجهڙن آواز وارا حرف هڪ ٻئي کان الڳ) هجن، حرڪتون (زبر، زير، پيش وغيره) صحيح نموني ادا ٿين ۽ اهڙي طرح حروف ۽ حرڪتن ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي يا اضافي کان بچڻ فرض آهي، جن جي ڪري معنيٰ فاسد ٿين[1]. پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪي درست طريقي سان قرآن نٿا پڙهي سگهن، انهن کي گهرجي ته مدرسة المدينه بالغان ۾ داخل ٿي ڪري تجويد ۽ قرائت سان قرآن پڙهڻ سکن ۽ قرآن پاڪ جي حقن جو خيال رکندي تلاوت ڪن. امام اعظم ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: قرآن پاڪ جو هي حق آهي ته ان کي سال ۾ 2 ڀيرا مڪمل پڙهيو وڃي.[2]

تلاوت قرآن جا فضائل: تلاوت قرآن افضل عبادت آهي[3]. * قرآن پاڪ جو هڪ حرف پڙهڻ تي 10 نيڪين جو ثواب ملندو آهي.[4] * قرآن پاڪ پڙهڻ سان رحمت نازل ٿيندي آهي. * فرشتا پَرَن سان سايو ڪندا آهن. * سڪينو نازل ٿيندو آهي[5] * قيامت جي ڏينهن قرآن پاڪ پنهنجي پڙهڻ وارن جي شفاعت ڪندو.[6] * قرآن پاڪ پڙهڻ وارو الله پاڪ جو خاص ٻانهو آهي.[7]

ٻيو حق: قرآنِ ڪريم تي عمل ڪرڻ

وضاحت: اسان تي قرآن ڪريم جو هڪ حق آهي التَّخَلُّق بِأَخْلَاقِهِ، وَالتَّأَدُّب بِآدَابِهِ 


 

 



[1] فتاوی رضویہ ،جلد:6،صفحہ:281،ملخصاً۔

[2] اتحاف السعادۃ المتقین ،جلد:5،صفحہ:32۔

[3] کنزالعمال ،کتاب الاذکار ،جز :1،جلد:1،صفحہ:257،حدیث:2261۔

[4] ترمذی ،کتاب فضائل القرآن،باب ماجاء فی من قراء حرفا من القرآن ،صفحہ:676،حدیث:2910۔

[5] مسلم ،کتاب الذکر ودعا ،باب فضل الاجتماع علی تلاوۃ  القرآن ...الخ ،صفحہ:1039،حدیث:2699،ملخصًا۔

[6] مسلم ،کتاب صلاۃ المسافرین ،باب فضل قراءۃ القران وسورۃ البقرۃ،صفحہ:290،حدیث804۔

[7] کنز العمال ،کتاب الاذکار،الجز الاول ،جلد:1،صفحہ:258،حدیث:2275۔