Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

سکڻ سيکارڻ جي حلقن جو جدول

(1)  مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2) دعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3) جائزو: 5 منٽ: ڪل دورانيو: 15 منٽ

اڄ سکڻ سيکارڻ جي مدني حلقن ۾ قرآن ڪريم جا 3 حقوق جي موضوع تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ سڙي پوڻ تي پڙهڻ جي دعا ياد ڪرائي ويندي، دعا ياد ڪرائڻ کان بعد اجتماعي جائزو ورتو ويندو.  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!   

درود  شريف جي فضيلت   

فرمانِ آخري نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي درود پاڪ پڙهڻ پُلصراط تي نور آهي، جيڪو جُمعي جي ڏينهن مون تي 80 ڀيرا درود پاڪ پڙهي اُن جا 80 سالن جا گناھ مُعاف ٿي ويندا. [1]  

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب            صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

قرآن ڪريم جا 3 حقوق

آيتِ  ڪريمه

ترجموڪنزالعرفان: اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو، اهي ان جي تلاوت اهڙي طرح ڪن ٿا، جيئن تلاوت ڪرڻ جو حق آهي، اهي ئي ماڻهو ان تي ايمان رکن ٿا.

حقيقت ۾ قرآن ڪريم تي ايمان آڻڻ وارا اُهي ئي آهن جيڪي اُن جي تلاوت جو حق ادا ڪن ٿا.[2]


 

 



[1] الترغیب  فی فضائل الاعمال ،باب مختصر من الصلاۃ علی رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم،  صفحہ:14،حدیث:22۔

[2] تفسیر مدارک  ،پارہ:1،سورۃ البقرہ،تحت الآیت :121،جلد:1،صفحہ:126۔