Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

يعني هن ۾ ٻڌايل اخلاق و آداب کي اپنائڻ. قرآن ڪريم ۾ آهي:  

وَ هٰذَا كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوْهُ

(پارہ:8،الانعام :155)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ هي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي، ته توهان ان جي پيروي ڪيو.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن پاڪ جو هڪ حق اهو آهي ته ان مبارڪ ڪتاب جي پيروي ڪئي وڃي ۽ ان جي احڪام جي خلاف ورزي کان بچڻ گهرجي[1].

ٽيون حق: قرآن پاڪ جي تعظيم ڪرڻ

وضاحت: قرآن پاڪ جو ٽيون حق دل سان ان جي تعظيم ڪرڻ آهي. قرآن پاڪ جي تعظيم ڪرڻ فرض[2] ۽ توهين ڪفر آهي.[3] قرآن پاڪ جي تعظيم جا طريقا: * جيئن تلاوت ڪرڻ کان پوءِ ان کي صاف سٿري ۽ سٺي غلاف ۾ ويڙهي ڪري اوچي جاءِ تي رکڻ. * جيترو ٿي سگهي، سٺي آواز سان ان جي تلاوت ڪرڻ. * جڏهن ان جي تلاوت ٿي رهي هجي، ته خاموشي سان ادب سان ٻڌڻ. * ان جي طرف پير نه ڦهلائڻ. * ان کان مٿي نه ويهو. سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي وفات کان پوء ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ۽ پڇيو: الله پاڪ توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ سلطان محمود غزنوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائڻ لڳا: هڪ ڀيرو مان ڪنهن جاءِ تي مهمان هيس، جتي جنهن ڪمري ۾ مون کي ترسايو ويو، اتي پيرن جي طرف قرآن پاڪ رکيل هو. مون سوچيو ته قرآن پاڪ کي ٻاهر موڪلي ڇڏيان،


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان،پارہ:8،سورۃ الانعام ،تحت الآیت :155،جلد:3،صفحہ:247۔

[2] فتاوی شارح بخاری ،جلد:1،صفحہ:237۔

[3] کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب ،صفحہ:194۔