Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq
پر پوءِ اهو خيال آيو ته مان پنهنجي آرام لاءِ قرآن پاڪ کي ٻاهر ڇو ڪڍان؟ بس اهو سوچي ڪري مون قرآن پاڪ جي تعظيم ڪئي ۽ سڄي رات ويٺل رهيس ۽ ان طرف پير نه ڪيا، بس انهيءَ سبب الله پاڪ مون کي معاف ڪري ڇڏيو[1].
دهرائي
اَڄ اسان قرآن پاڪ جا 3 حق
سکيا: (1) قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ (2) قرآن پاڪ تي عمل
ڪرڻ
(3) قرآن
پاڪ جي تعظيم ڪرڻ.
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دعا
سڙي پوڻ تي پڙهڻ جي دعا
اَذْھِبِ الْبَأْسَ رَبَّ النَّاسِ اِشْفِ اَنْتَ الشَّافِیْ لَاشَافِیْ اِلَّااَنْتَ
ترجمو: اي سڀني ماڻهن جا رب! تڪليف دور فرماءِ، شفا ڏي، تون ئي شفا ڏيڻ وارو آهين، توکان سواءِ ڪو شفا ڏيڻ وارو ناهي. [2]
اجتماعي جائرو وٺڻ جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
يوميه 56 نيڪ اعمال
(1) سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2) پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟
(3) هر نماز کان اڳ ۾ نماز جي دعوت ڏني؟ (4) رات جو
سُورةُ المُلۡڪ پڙهي يا ٻُڌي ورتي؟ (5) هر نماز کان پوءِ آيَةُ الۡڪُرسِي، تسبيحِ فاطمہ
۽ سُورتُ الاِخۡلاص پڙهي؟ (6)
ڪنزالايمان مان گهٽ ۾ گهٽ ٽي آيتون يا صراط الجنان مان ٻه صفحا پڙهي يا ٻُڌِي ورتا؟ (7) شَجري شريف جا اوراد پڙهي ورتا؟ (8) 313 ڀيرا