Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

فرامينِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم:

 رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دين خيرخواهي جو نالو آهي. عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪنهن لاءِ؟  فرمايو: * الله پاڪ جي لاءِ * اُن جي ڪتاب (قرآنِ ڪريم) جي لاءِ  * اُن جي رسول جي لاءِ  * مسلمانن جي اڳواڻن لاءِ *            ۽ عام مسلمانن جي لاءِ.

مختصر شرح: * الله پاڪ لاءِ خيرخواهي هي آهي ته * الله پاڪ تي ايمان آڻڻ * اُن سان گڏ ڪنهن کي الله جو شريڪ نه بڻائڻ * ان جي اطاعت ڪرڻ *نافرماني کان بچڻ. * ڪتابُ الله (قرآنِ پاڪ) جي لاءِ خيرخواهي هي آهي ته: * قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ * قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل حڪمن تي عمل ڪرڻ * قرآن جي تعظيم (عزت) ڪرڻ * قرآن جي احڪامن کي سکڻ وغيره * رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ لاءِ خيرخواهي: * پياري نبي، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آڻڻ * انهن کي آخري نبي مڃڻ * سندن سنتن تي عمل ڪرڻ * سندن سِيرت جي پيروي ڪرڻ صحابهِ ڪرام ۽ اهلِ بيت رَضِىَ اللّٰهُ عَنْهُم سان محبت ڪرڻ * ۽ انهن جي عظمت کي دل سان مڃڻ.

قرآن ڪريم جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرن! قرآن پاڪ جا اسان تي ڪيترائي حق آهن، انهن مان اڄ  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!     3 حق سيکارڻ جو موقعو ملندو.

پهريون حق: قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ

وضاحت: قرآن پاڪ جو هي حق آهي ته قرآن پاڪ کي اهڙي طرح تلاوت ڪيو وڃي جيئن تلاوت ڪرڻ جو حق آهي يعني ترتيل سان، آهسته آهسته، تجويد جو خيال رکندي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ. ياد رهي! قرآن پاڪ کي اهڙي طرح پڙهڻ فرض آهي جو هڪ حرف ٻئي حرف کان