Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

ٿا: جنهن ڏينهن والِدِ ماجِد مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو وِصَال ٿيو، ان ڏينهن پاڻ فجر نماز ادا فرمائي چڪا هئا، ظهر جي نماز جو وقت اڃان باقي هو ته لاڏاڻو فرمايائون، سڪرات مهل سڀني موجود ماڻهن ڏٺو ته اکيون بند ڪري لڳاتار سلام ڪري رهيا هئا (شايد اهو ان طرف اشارو معلوم ٿئي ٿو ته ولين سڳورن جا روح استقبال جي لاءِ اچي رهيا هئا ۽ پاڻ انهن کي سلام فرمائي رهيا هئا) جڏهن ڪجھ ساھ باقي وڃي رهيو ته هٿن کي وضو وارن عضون تي ائين ڦيرڻ لڳا ڄڻ وضو ڪري رهيا آهن، ايتري تائين جو اشاري سان نڪ جي صفائي به ڪيائون.

سُبحٰن الله! پاڻ پنهنجي طور تي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ظهر جي نماز به ادا ڪري ويا. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: جنهن وقت روح مبارڪ جسم مان جدا ٿيو، ان وقت مان سيرانديءَ کان حاضر هيس۔ عظمت واري رب جو قسم ته هڪ حسين نور سندن سيني مبارڪ مان نڪري چمڪي غائب ٿي ويو ان کان پوءِ روح بدن مان جدا ٿي ويو.

   آخري لفظ جيڪو مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زبان مبارڪ مان نڪتو اهو لفظ الله هو ۽ آخري تحرير جيڪا هٿ مبارڪ سان لکي، اها بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم هئي.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: والِدِ ماجِد، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي وِصَالِ پُرملال کان بعد مون پنهنجي پير و مُرشِد سيد شاه آلِ رسول رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي خواب ۾ ڏٺو ته والد ماجد جي مزار تي آيا آهن۔ مون عرض ڪيو ته سائين! هتي ڪيئن“؟ فرمايائون اڄ کان يا فرمايائون: هاڻي کان هتي ئي رهنداسين۔ (فضائلِ دُعا، صفحہ:41تا42)

عرش پردھومیں مچیں وہ مومنِ صالح مِلا                   فرش سے ماتم  اٹھے  وہ طیِّب و  طاہِر گیا

(حدائقِ بخشش، صفحہ:54)

الله پاڪ جي اُنهن تي رحمت ٿئي ۽ اُنهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم