Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

پارہ:1، جلد:1، صفحہ:54) اهڙي طرح فقه حنفي جي مشهور ڪتاب ”دُرِّمختار“ ۾ آهي: هڪ شخص مرڻ کان اڳ ۾ هي وصيّت ڪئي ته مرڻ کان پوءِ منهنجي سيني ۽ پيشانيءَ تي بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم لکي ڇڏجو۔ آخر ائين ئي ڪيو ويو پوءِ ڪنهن خواب ۾ ان شخص کي ڏسي حال پُڇيو، ان ٻُڌايو ته جڏهن مون کي قبر ۾ رکيو ويو ۽ عذاب جا فرشتا آيا، جڏهن پيشاني تي بِسۡمِ اللّٰهِ لکيل ڏٺائون ته چيائون تون عذاب کان بچي وئين۔ (ردالمحتار علی الدر المختار، کتاب:الصلاۃ، مطلب:فیمایکتب علی کفن المیت، جلد:3، صفحہ:186)

ملے گا دونوں  عالَم کا خزانہ  پڑھ لو  بِسْمِ اللہ            خدا چاہے تو ہو جنّت ٹھکانہ پڑھ لو بِسْمِ اللہ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بِسمِ الله شريف لکڻ سان گڏوگڏ پڙھڻ جي به عادَت بنائڻ گھرجي ته حضرت عبد الله بِن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، تاجدارِ مدينه مُنَوَّره، سردارِ مڪه مڪرمه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پڙھندو الله پاڪ هر اکر جي بدلي ان جي اعمالنامي ۾ چار هزار نيڪيون لکندو، چار هزار گُنَاھ بخشي ڇڏيندو ۽ ان جا چار هزار درجات بلند فرمائيندو۔ (فردوس الاخبار، فصل:فضل قراءۃ القرآن، جلد:4، صفحہ:26، حدیث:5573) حضرت مولاءِ ڪائنات، علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي: هڪ شخص خوبصورتي سان بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پڙھي ته ان جي بخشش ٿي وئي۔ (شعب الایمان، باب: تعظیم القرآن، جلد:2، صفحہ:546، حدیث:2667)

پيارا اسلامي ڀائرو! بِسمِ الله “ شريف جي وڌيڪ برڪتن ۽ فضيلتن جي معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت، اميراهلسنت، حضرت علامه، مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي مايه ناز ڪتاب ”فيضانِ سُنّت“ مان ”فيضانِ بِسمِ الله“ جو باب (Chapter) پڙھي وٺو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد